ڪراچي (رپورٽر) صوبائي محتسب اعليٰ سنڌ جسٽس رٽائرڊ شاھ نواز طارق ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته مٿس 25 لک رپين جو ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو آهي. فيصلي ۾ چيو ويو ته مونس علوي پاران اڳوڻي چيف مارڪيٽنگ آفيسر مھرين زهرا کي هراسان ڪرڻ ۽ ذهني اذيت ڏيڻ جا الزام ثابت ٿيا آهن. مھرين زهرا 2019ع ۾ ڪي اليڪٽرڪ ۾ ڪنسلٽنٽ طور ڪم ڪندي هئي، جنهن ان سلسلي ۾ باقاعدي شڪايت داخل ڪرائي هئي. محتسب اعليٰ حڪم ڏنو آهي ته مونس علوي هڪ مهيني اندر ڏنڊ جي رقم جمع ڪرائي، ٻي صورت ۾ سندس ملڪيت ضبط ڪئي ويندي، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ پڻ بلاڪ ڪيو ويندو.