ايس پي ايس سي۾ ”ڀوتار ڪميشن“ خلاف لاڙڪاڻي ۾ احتجاج

لاڙڪاڻو (عوامي آواز نيوز) اي ايس آءِ جي ڀرتين ۾ مبينا ميرٽ جي لتاڙ خلاف لاڙڪاڻي جي شاگردن ۽ اميدوارن پاران شاهنواز  لائبريري کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جتي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. مظاهرين چيو ته، محنت اسان ڪريون ٿا، پر نوڪريون ٻين کي ملن ٿيون، جيڪي نه ٽيسٽ ۾ هئا نه انٽرويو ۾، انهن کي وڏيرن جي سفارش تي پاس ڪيو ويو. اميدوارن جو چوڻ هو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 100مارڪن واري انٽرويو کي پنهنجن ماڻھن جي فائدي لاءِ غلط طريقي سان مئنيج ڪري رهي آهي، جتي 33 مارڪون کڻندڙ کي 95 مارڪون ڏئي پاس ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته 90 مارڪون کڻندڙ کي نااهل ڪيو وڃي ٿو. شاگردن جو مطالبو هو ته ان ڪيمرا انٽرويوز ڪرايا وڃن ته جيئن واضع ٿي سگهي ته ميرٽ جي لتاڙ ڪيئن ٿي آهي. احتجاج ڪندڙن چيو ته ايس پي ايس سي، هاڻي سنڌ پيسا ڪميشن سروس، "ڀوتار ڪميشن سروس” ۽ "وڏيرا ڪميشن سروس” بڻجي وئي آهي، جتي رشوت ۽ سياسي اثر رسوخ تي ڀرتيون ٿين ٿيون. شاگردن پيپلزپارٽي جي چيئرمين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڪري، جڏهن ته عدالتن کان اپيل ڪئي وئي ته جڊيشل انڪوائري جوڙي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.