تيل معاهدي تي صوبن کي اعتماد ۾ ڇو ناهي ورتو ويو؟فضل الرحمان

پشاور(عوامي آواز نيوز)جمعيت علماء اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سماجي ميڊيا جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو آهي ته مان، هڪ پاڪستاني شهري جي حيثيت سان، پاڪستان جي خودمختياري بابت شديد ڳڻتي ۾ مبتلا آهيان، ۽ ان ڳالهه کي انتهائي ڪمزور ٿيندڙ حڪومت ۽ رياست جي علامت سمجهان ٿو ته اسان پاڪستانين کي تيل جي معاهدي جي اطلاع به آمريڪي صدر ٽرمپ کان مليو ۽ هندستان سان جنگبندي جي خبر به.مولانا فضل الرحمان چيو ته پارليامينٽ ۽ صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ کان بغير اهڙا معاهدا قطعي طور تي قومي مفاد جي معيار تي پورو نه لهندا، خاص طور تي جڏهن آئين مطابق صوبن جي طئي ٿيل حق جو مستقبل غير يقيني بڻجي رهيو هجي. هن مطالبو ڪيو ته اهڙن معاهدن بابت فوري طور پارليامينٽ، صوبن ۽ عوام کي اعتماد ۾ ورتو وڃي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.