کاٻي ڌر اڳواڻ سبط حسن کي ڀيٽا پيش

ڪراچي (رپورٽر)نامور ترقي پسند دانشور، اديب، صحافي ۽ کاٻي ڌر جي اڳواڻ سبط حسن جي ورسي ڪالهه ٽريڊ يونين مزدور ڦيڊريشن  طرفان پاڪستان آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي حسينه معين هال ۾ ملهائي وئي، ان موقعي تي نامور صحافي ۽ کاٻي ڌر جي اڳوڻي اڳواڻ سهيل سانگي تقرير ڪندي چيو ته سبط حسن نه فقط ڪميونسٽ پارٽي جو اڳواڻ پر هڪ مفڪر ۽ ناياب ڪتابن جو ليکڪ به هو، هن ترقي پسند تحريڪن ۾ جيل به برداشت ڪيو ۽ جيل اندر ۽ جيل کان ٻاهر ناياب ڪتاب به لکيا، جن جو اثر موجوده نسل تي به پيو آهي، نامور ترقي پسند دانشور ليکڪ ۽ سبط حسن جي شاگرد ڊاڪٽر جعفر احمد چيو ته سبط حسن ملڪ ۾ سيڪيولر نظام جو حامي هو، پر ان وقت لبرل ۽ روشن خيال سمجهندڙ پارٽي نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي پروگرام مان بيگم نسيم ولي ۽ ٻين سيڪيولر لفظ کي هٽائي ڇڏيو،هن چيو ته سبط حسن پاڪستان ۾ ون يونٽ ۽ مضبوط مرڪز جي مخالفت ڪندي پاڪستان کي گهڻ قومي ملڪ تسليم ڪرڻ تي زور ڏنو، هن سوشلزم خلاف آيل فتوائن جا عالمانه جواب لکيا، پروفيسر توصيف احمد چيو ته سبط حسن سياسي ڪميونسٽ اڳواڻ، مفڪر کان اڳ هڪ روشن خيال صحافي به هو، جنهن کان اڄڪلهه جا ڪارپوريٽ صحافي بي خبر آهن، سبط حسن صحافتي ڪالمن ۽ لکڻين وسيلي ترقي پسند تحريڪن جي تاريخ تي به لکيو، ليکڪ ڊاڪٽر رياض شيخ چيو ته سبط حسن پنهنجن ڪتابن وسيلي ملڪ ۾ عوامي تاريخ لکڻ جي روايتن جو بنياد وڌو، هن جي ڪتابن کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ گهرجي، مزدور عورت اڳواڻ زهره علي، ناصر منصور چيو ته سبط حسن مزدور ۽ ٻين پيڙهيل طبقن جو نمائندو ۽ مفڪر هو، هو ملڪ ۾ جمهوريت جو حامي ۽ سياست ۾ جرنيل شاهي جي مداخلت جي سخت خلاف هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.