شڪارپور (رپورٽ: ذوالفقار مگسي/زاهد سنجراڻي) شڪارپور لڳ خوني تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ معصوم نينگر مارجي ويو. جھٻر شيخ ٿاڻي جي حد ۾ ڪچي واري علائقي جمالپور ڀرسان ڪلھوڙا ۽ جوڻيجا برادري جي پراڻي تڪرار تان هٿياربندن ڪاهه ڪئي. فائرنگ ۽ راڪيٽ لانچر جي حملي دوران ڳوٺ جمالپور جو 10 ورهين جو ڌنار، شڪيل پٽ اسلام جوڻيجو مارجي ويو. ڌنار نينگر زمين تي مال چارڻ دوران نشانو بڻيو. چڱي مڙس موجب شڪيل جو تڪرار سان ڪوبه واسطو نه هو. فائرنگ بعد ڪلھوڙا ڌر جا ماڻهو سندس 10 ڍور پڻ ڪاهي ويا.