لکي غلام شاھ (رپورٽ: نديم جان مهر) لکي غلام شاھ لڳ ڳوٺ رڪ ڀرسان هاليپوٽا ۾ مسجد جي پيش امام تي مسلسل ٽن مهينن کان چئن کٿابين تي تشدد ۽ ساڻن بدفعلي ڪرڻ جو الزام لڳائي جرڳو ڪيو ويو، مولوي امداد الله ۽ کٿابين جي وارثن عبدالحڪيم سيال وچ ۾ بااثر وڏيري وٽ ٿيل جرڳي ۾ مولوي امداد الله ميکو ابڙو تي چئن کٿابين سان بدفعلي جو الزام ثابت ٿيڻ تي مٿس 15 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو ٽن قسطن ۾ ادا ڪيو ويندو، کٿابين جو چوڻ آهي ته مولوي اسان تي تشدد ڪري رسن سان ٻڌي ٽن مهينن تائين زيادتي جو نشانو بڻائيندو هو ۽ انڪار ته مارڪٽ ڪندو هو، هوڏانهن ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ واقعي جو نوٽيس ورتو، جنهن بعد حد جي ٿاڻي تي جرڳي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، الزام هيٺ آيل مولوي فرار ٿي ويو آهي.