فيصل آباد (م ڊ) فيصل آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي ٻن ڪيسن ۾ فيصلو ٻڌائيندي عمر ايوب، شبلي فراز سميت 194 جوابدارن کي سزا ٻڌائي ڇڏي.عدالت طرفان ٻنهي ڪيسن ۾ 166 جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.عدالت حساس اداري تي حملي واري ڪيس ۾ 185 مان 108 جوابدارن کي سزا ٻڌائي، جڏهن ته ٻين کي باعزت بري ڪري ڇڏيو.غلام محمد آباد ٿاڻي ۾ داخل 9 مئي جي ڪيس ۾ 66 مان 8 جوابدارن کي بري ڪري، باقي 58 جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. عدالت عمر ايوب، شبلي فراز، زرتاج گل ۽ حامد رضا کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته جنيد افضل ساهي کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، جيڪا هن ڪيس ۾ سڀني کان گهٽ سزا آهي. عدالت سيال ڪاسترو، فواد چوڌري ۽ شاهه محمود قريشي جي پٽ زين قريشي کي بري ڪري ڇڏيو. زرتاج گل، صاحبزاده حامد رضا ۽ شيخ رشيد جي ڀائٽي شيخ راشد شفيق سميت 58 جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.ڪيس نمبر 835 ۾ عمر ايوب، شبلي فراز، زرتاج گل، ڪنول شوزب، فرح آغا، راءِ حيدر کَرل ۽ محمد احمد چٺا سميت 28 جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا ڏني وئي. سزا ماڻيندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻن ۾ اشرف سوهنا، راءِ حسن نواز، راءِ مرتضيٰ، چودري اقبال اعجاز، محمد احمد چٺا، چودري آصف علي ۽ شڪيل احمد خان نيازي شامل آهن. عدالت ڪنول شوذب، فرخ آغا، فرخنده ڪوڪب، انشا اظهر، سردار عظيم الله خان، مهر محمد جاويد، محمد انصر اقبال، رانا آفتاب، شعبان كبير ۽ جنيد افضل ساھي کي به سزائون ڏنيون آهن. اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته پي ٽي آءِ خلاف سمورا فيصلا سياسي بنيادن تي ڪيا ويا آهن، جن کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو، پر هن وقت عدليا تي به سوال اٿڻ لڳا آهن.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته ” فيصل آباد جي دهشتگرد ٽوڙ عدالت جي اڄوڪي فيصلي ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اپوزيشن اڳواڻن کي سزا ٻڌائي وئي آهي، جيڪي فيصلا اچي رهيا آهن، اهڙن فيصلن سان جمهوريت تباهه ٿي ويندي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي اهي فيصلا عمران خان آڏو رکندي، جنهن کانپوءِ ايوان ۾ ويهڻ، بائيڪاٽ ڪرڻو يا وري ڪا تحريڪ شروع ڪرڻ بابت فيصلو ٿيندو.بئريسٽر گوهر چيو ته جن ماڻهن کي سزا ڏني وئي آهي، اهي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي سياست ۾ تشدد تي يقين نٿا رکن. هن الزام هنيو ته ”عمران خان مفاهمت لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون، پر اسان مٿان گولي هلائي وئي، اسان چاهيون ٿا ته نظام هلي، اسان جو ليڊر ٻاهر هجي، پر ڪا قوت آهي جيڪا نظام کي لپيٽڻ چاهي ٿي.“ بئريسٽر گوهر دعويٰ ڪئي ته عمران خان تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ سندس گهرواري کي سزا ڏني وئي، ان باوجود اسان رياست سان گڏ هلڻ جو فيصلو ڪيو.