اسلام آباد/لاهور (امداد سومرو) وفاقي حڪومت جي اتحادي پارٽين وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، جتي پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي جلد واپسيءَ بعد سي اي سي اجلاس سڏائي اهم فيصلا ڪندي. معاشي ماهر قيصر بنگالي جي ٽوئيٽ تي بلاول ڀٽو حمايت ظاهر ڪندي اتحادي وزير احسن اقبال جي ڳالهين کي رد ڪري ڇڏيو، جنهن اين ايف سي کي وفاق لاءِ بار قرار ڏنو هو. پيپلزپارٽي کي خدشو آهي ته اين ايف سي ۽ ارڙهين ترميم سان هٿ چراند ٿي سگهي ٿي. پي ٽي آءِ ميمبرن جي نااهلي ٿيڻي آهي، ان کان اڳ به پي ٽي آءِ جون 2 سيٽون خالي آهن جيڪي ن ليگ وٽ وڃڻيون آهن، اهڙي صورت ۾ ن ليگ سمجهي ٿي ته سندن پوزيشن جڏهن ايتري مضبوط آهي ته پوءِ هو پيپلزپارٽي جي ڪاڻ ڇو ڪڍي؟ ڇو ته ن ليگ سادي اڪثريت ۾ هوندي. منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو هو ته اين ايف سي ۾ کوڙ شيون وفاق تي بار آهن، جنهن تي قيصر بنگالي چيو هو ته احسن اقبال غلط بياني پيو ڪري، حڪومتي خرچ ۽ ناڪاميون بنيادي طور تي بار آهن. قيصر بنگالي جي ٽوئيٽ کي بلاول ڀٽو زرداري ري ٽوئيٽ ڪيو ۽ لکيو ته 100 سيڪڙو. يعنيٰ بلاول ڀٽو زرداري احسن اقبال بدران معاشي ماهر کي چيو ته اهو درست چئي رهيو آهي. پيپلزپارٽي ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي جي معاملي تي حساس آهي. حڪمران اتحاد ۾ اهڙي ڇڪتاڻ اڳتي هلي وڌي سگهي ٿي. پيپلزپارٽي وارا چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو انتظار ڪري رهيا آهن. فيصلو ڪيو ويندو ته سرڪاري بينچن تي ويهڻو آهي يا ناهي ويهڻو.