لاهور(م ڊ) ڊيلرن ۽ شگر ملز مالڪن جي وچ ۾ کنڊ جي خريد ۽ وڪري جو تڪرار اڃا تائين حل نه ٿي سگهيو آهي، شگر ڊيلرزايسوسيئيشن جي اڳواڻ سهيل ملڪ جو چوڻ آهي ته شگر ڊيلرن کي ڪالهه به کنڊ 165 رپيا في ڪلو تي نه ملي سگهي، تنهنڪري اڄ به بازارن ۾ کنڊ جي فراهمي معطل رهندي، شگر ملز مالڪن وزارت سان گڏجي کنڊ ايڪسپورٽ ڪرائي، اربين رپين جو نفعو ڪمايو، هاڻ جڏهن کنڊ جو بحران آيو ته ذميوار صرف ڊيلرز کي قرار ڏنو ويو آهي، ذريعن موجب شگر ملز مالڪن جو چوڻ آهي ته کنڊ جي اسٽاڪ ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي، حڪومت کي سڄي خبر آهي، ياد رهي ته حڪومت پاران کنڊ جي ايڪس مل قيمت 165 رپيا ۽ پرچون قيمت 173 رپيا في ڪلو مقرر ڪرڻ باوجود به عوام کي سستي کنڊ ميسر ناهي.