اسلام آباد(عمران شفقت)بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض کي فيلڊ مارشل ۽ وزيراعظم آفيس جي آسپاس رهندڙ ماڻهن جي جيڪا سپورٽ هئي اها ختم ٿي چڪي آهي،گذريل رات رٽائرڊ برگيڊيئر ظفر سميت 10 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب مني لانڊرنگ ڪيس جو حجم کربين رپين تي مشتمل آهي،اينٽي مني لانڊرنگ ٽيم بحريا ٽائون جي هيڊ آفيس مان سمورو رڪارڊ حاصل ڪري ورتو آهي،جوابدارن خلاف ٽي مختلف ڪيس داخل ڪري ايف آءِ آر کي سيل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ گرفتارين جو امڪان آهي،هڪ بريگيڊيئر طاهر ۽ برگيڊيئر منظور کي به گرفتار ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن، جڏهن ته هڪ رٽائرڊ ميجر جنرل کي به گرفتار ڪرڻ جو امڪان آهي،ايف آءِ اي هن کان في الحال رابطي ۾ آهي،اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته ملڪ رياض هڪ هزار ارب رپيا پاڪستان کان ٻاهر مني لانڊرنگ جي صورت ۾ موڪليا آهن،اهو سڄو پئسو دبئي واري پراجيڪٽ لاءِ موڪليو ويو.