الله جو واسطو اٿئو!سول نافرماني جهڙيون حالتون پيدا ٿيڻ نه ڏنيون وڃن:سعد رفيق

لاهور (عوامي آواز نيوز)مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته خيبرپختونخوا جي قبائلي علائقن ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي، ۽ حالتون اهڙي نهج تي پهچي سگهن ٿيون، جتي انڪار ڪرڻ به بي معنيٰ بڻجي وڃي.پنهنجي هڪ بيان ۾ خواجه سعد رفيق چيو ته معصوم ۽ بيگناهه شهري دهشتگرد خوارجن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي وچ ۾ ٿيندڙ جهيڙن ۾ پيسجي رهيا آهن. جانين ۽ مالن جو نقصان هاڻي بدقسمتيءَ سان روزمره جو معمول بڻجي ويو آهي. ماڻهن کي هر وقت خوف ۽ جبر جي ڇانوَ هيٺ زندگي گذارڻي پئجي رهي آهي.سعد رفيق چيو ته هر المناڪ واقعي کانپوءِ ٿوري دير لاءِ ڌريون گڏ ٿي بيهن ٿيون، پر دهشتگردي خلاف مستقل بنيادن تي عوامي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪا سنجيده ۽ منظم سياسي ڪوشش نظر نٿي اچي.هن چيو ته وادي تيراھ کان ٽانڪ تائين عوامي بيبسي، تڪليف، مايوسي ۽ احساس محرومي پنهنجي انتها تي آهي. سيڪيورٽي فورسز جا آفيسر ۽ جوان جانين جا نذرانا ڏئي رهيا آهن، پر انهن جي قربانين باوجود انهن تي اعتراض به ڪيا پيا وڃن.سول انتظاميا مڪمل طور تي غيرمؤثر بڻجي وئي آهي سعد رفيق جو چوڻ هو ته بيشڪ دهشتگردن سان مقابلو فوجي ادارن جو ڪم آهي، پر امن قائم رکڻ لاءِ جرڳا، ڳالهين جا عمل، مقامي قبائل سان اعتمادسازي ۽ مقامي انتظام ضرور سول ادارن ذريعي ئي ٿيڻ گهرجي. بدقسمتيءَ سان سول انتظاميا مڪمل طور مفلوج يا غير مؤثر بڻجي چڪي آهي. خواجه سعد رفيق خبردار ڪيو ته سول ۽ عسڪري ادارن جي وچ ۾ گهربل سهڪار جي کوٽ سبب عوام ناقابل تلافي نقصان ڀوڳي رهيا آهن ۽ رياست مان مايوس ٿي رهيا آهن. ان لاءِ ضروري آهي ته رياست مقامي مشران، معزز شخصيتن، اڪابرين، علماءَ، دانشورن، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن سان اعتماد جو رشتو ٻيهر قائم ڪري.هن وڌيڪ چيو ته قبائلي معاشري ۾ مقامي ماڻهن کي عزت، وقار ۽ اعتماد ڏيڻ کانسواءِ اڳتي وڌڻ ممڪن ناهي. ”سرڪاري ٽائوٽ“ يا مڙهيل نمائندا قبائلي علائقن ۾ ڪم نٿا اچي سگهن. هن التجا ڪئي ته دهشتگردن جو خاتمو ضرور ڪيو وڃي، پر سول نافرماني جهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ نه ڏني وڃي.خواجه سعد رفيق وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سميت سيڪيورٽي ادارن تي زور ڀريو ته جلدي ۾ گڏيل حڪمت عملي ٺاهڻ گهرجي، ان کان اڳ جو حالتون هٿان نڪري وڃن.هن چيو ته پنجاب جي عوام کي خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ جاري دهشتگردي، بدامني، عوامي نقصان ۽ سيڪيورٽي ادارن تي حملا ڏسي سخت پريشاني لاحق آهي. اسان چاهيون ٿا ته انهن علائقن ۾ امن، ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي هجي.سعد رفيق حڪومت کي تجويز ڏني ته ”جس کا کام اسی کو ساجھے“ جي اصول تي عمل ڪندي، مقامي مشران، پختون قومپرست عوامي نمائندن، سياستدانن ۽ علما ڪرام کي مڪمل اهميت ڏني وڃي، ۽ سول ادارن کي فعال بڻايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.