عمران خان جي ضمانت بابت ٻڌڻي ڪندڙ بينچ ۾ وڌيڪ هڪ ميمبر شامل

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي 9 مئي وارن ڪيسن ۾ ضمانت جي اپيلن تي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ۾ وڌيڪ هڪ ميمبر جو اضافو ڪيو ويو آهي، 12 آگسٽ تي چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪندي، بينچ ۾ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سان گڏ جسٽس شفيع صديقي ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب به شامل هوندا، ان کان اڳ، عمران خان جون ضمانت واريون اپيلون جسٽس يحيٰٰ آفريدي جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بينچ آڏو مقرر ڪيون ويون هيون، جنهن ۾ جسٽس شفيع صديقي به شامل هو.

  1. اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو ڪو به منصوبو ناهي: اسحاق ڊار

نيويارڪ (م ڊ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان جو اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو ڪو به منصوبو ناهي، هر موقعي تي فلسطين سان گڏ ڪشمير جي مسئلي کي به اجاگر ڪيو ويو، آمريڪا جو دورو هر لحاظ کان ڪامياب رهيو، آمريڪي پرڏيهي وزير کي يقين ڏياريو ويو ته ڳالهين کان سواءِ علائقي ۾ امن ممڪن ناهي، آمريڪي پرڏيهي وزير کي يقين ڏياريو ته ڳالهين کان سواءِ خطي ۾ امن ممڪن ناهي، جڏهن ته آمريڪي پرڏيهي وزير سان واپار ۽ ٽيرف بابت به ڳالهيون ڪيون ويون، ڀارت سان جيڪڏهن ڳالهه ٻولهه ٿي ته اها جامع هوندي، ڀارت جڏهن به جامع ڊائلاگ ڪرڻ چاهي، پاڪستان تيار آهي، ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي يڪطرفي طور ختم نٿو ڪري سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.