عمران خان پنهنجي پٽن کي پاڪستان اچڻ کان روڪيو ناهي: پي ٽي آءِ

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان پنهنجن ٻارن کي پاڪستان اچڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهه ٻولهه دوران عمران خان چيو ته قاسم ۽ سليمان پاڪستان نه ايندا، نه وري ڪنهن به احتجاجي تحريڪ ۾ شرڪت ڪندا ۽ نه ئي ڪنهن احتجاجي تحريڪ جي اڳواڻي ڪندا، ان کان اڳ عمران خان جي ڀيڻ چيو هو ته قاسم ۽ سليمان پاڪستان اچي رهيا آهن، ٻي پاسي پي ٽي آءِ جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات وقاص اڪرم چيو ته عمران خان جي ٻارن بابت ميڊيا ۾ هلندڙ خبر مڪمل طور تي غلط آهي، عمران خان هرگز پنهنجن ٻارن کي پاڪستان اچڻ کان نه روڪيو آهي، ميڊيا دوستن کي درخواست ڪندس ته اهي خان صاحب جي ڳالهه کي جيئن جو تيئن نشر ڪن، ڳالهين کي مقصد کان هٽي ڪري يا پنهنجي مرضي سان پيش ڪرڻ مناسب ناهي، ان ڳالهه تي شڪ نه ٿيڻ گھرجي ته عمران خان جا ٻار پاڪستان ايندا، هاڻي صرف تاريخ جو تعين باقي آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.