پوليس جيئن ڪم ڪري پئي،انصاف ڪيئن ملندو؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ ۾ موجود آئيني بئنچ  جي جسٽس ذوالفقار علي سانگي تي ٻه ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ منشيات ڪيس آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پيش ٿيو، جسٽس ذوالفقارسانگي مختلف جاين تي جاچ ،ڪيسن داخل ڪرڻ ۽ پوليس جي رويي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوليس جهڙي طرح ڪم ڪري رهي آهي ته انصاف ڪهڙي طرح ملندو اسان کي ڏسي افسوس ٿي رهيو آهي .جاچ آفيسرن کي تربيت ڏني وڃي،ائين ڪيستائين هلندو،.آءِ جي سنڌ چيو ته اسان جي ڪوششن کان پوءِ تربيت جو بندوبست ڪيو آهي جاچ آفيسرن جي جاچ جي نظام کي بهتر ٺاهن جي لاءِ شارٽ ڪورس ڪرائي رهيا آهيون .عدالت چيوته هڪ جاچ آفيسر ساڳي غلطيون ڪري رهيو آهي .جسٽس ذوالفقار سانگي چيو  ته اسان ڪمپيوٽر واري ايف آءِ آر وٺڻ بند ڪري ڇڏي آهي .جيڪو ڪجهه مينوئل ايف آءِ آر ۾  لکيل هوندو آهي هو ڪمپيوٽر واري ايف آءِ آر ۾ نه هوندو آهي .مينوئل ايف آءِ آرم 10گرام منشيات هوندي جڏهن ته ڪمپيوٽر ۾ 3گرام ڏيکاري ويندي آهي.آءِ جي سنڌغلام نبي ميمڻ چيو ته پوليس جي آءِ ٽي کاتي ۾ ڪافي بهتري آئي آهي ،جيڪي ماڻهو موجود آهن هو پراڻا آهن،عدالت چيو ته  اسان چيف سيڪريٽري سنڌ سميت ٻين کي لکيو آهي اهڙا ڪيس خراب ٿي رهيا آهن.حيدرآباد جو ڪيس اسان جا سامهون آهي . آءِ جي سنڌ عدالت کي پوليس ۽ جاچ آفيسرن جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.