ڀارتي ميڊيا جو ڪرڪيٽ تائين وڌندڙ غير ذميواراڻو ۽ انتهاپسنداڻو ڪردار!؟

چوندا آهن ته درست ماڻهو جيڪڏهن ملڪي ۽ اهم ادارتي عهدن تي هوندا آهن ته تڏهن ئي درست  رخ ۾ ڪم ٿيندو آهي. پهريان اهڙي قسم جي ڳالهه ننڍن ادارن جي حوالي سان ڪئي ويندي هئي پر هاڻي ملڪن جي سربراهن جي معيار کي ڏسجي ٿو ته حيرت ٿئي ٿي خاص ڪري ان عوام تي جيڪي اهڙن سربراهن کي چونڊي حڪومتن ۾ موڪلين ٿا جيڪي عام ماڻهن وانگر جهيڙاڪ ۽ انتهاپسند ٿين ٿا ۽ جيڪي معاملن کي آئين ۽ قانون تحت نٿا نبيرن. اهڙن انتهاپسند ملڪي حڪمرانن مان ڀارت جو نريندر مودي به آهي جنهن پاڪستان ۽ ڀارت جي سياسي لاڳاپن کي ته خراب کان خراب ڪندي جنگ تائين پهچايو پر ڪافي وقت کان راندين جي ميدانن  خاص ڪري پاڪ ڀارت وچ ۾ ڪرڪيٽ جي لاڳاپن کي به نفرت انگيز ۽ بائيڪاٽن ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي آءِ سي سي جي ٽورنامينٽ ۾ به ملڪي سياست کي  شامل ڪري خطرناڪ ترين رستي تي نڪري پيو آهي. کيس جنگ کان ته  آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ روڪيو پر هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مٿس دٻاءُ وڌو وڃي ته ملڪي سياست ۽ پنهنجي نفرت کي راندين جي ميدانن تائين نه پهچائي ۽ نه ئي ڪرڪيٽ جي عالمي برادري کي پاڻ کي کلائي.

 اهڙو ڪم  اصولي طور تي ڀارت جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، دانشورن ۽ خاص ڪري اتان جي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا کي ڪرڻ گهرجي پر حيرت آهي ته ڀارت جي ميڊيا جو ڪردار به ان ڏس ۾ انتهاپسندي وارو نظر اچي رهيو آهي. بجاءِ ان جي ته ڀارتي ميڊيا، پاڪستان ۽ ڀارت جي حڪمرانن کي پاڻ ۾ ويجهو ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪري ٻريل باهه تي پاڻي هاري ها پر الٽو ٻرنديءَ تي تيل ئي هاري انتهائي ناڪاري ۽ مذمت جوڳو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ڀارتي ميڊيا پاڪ ۽ ڀارت ۾ ٿيل هن سال واري جنگ کي ٽارڻ لاءِ ته ڪو ذميوراڻو ۽ امن جوڳو ڪردار ادا نه ڪيو پر حيرت آهي ته اها هاڻي پاڪستان سان ڀارت جي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي به خلاف مهم هلائي رهي آهي.ان جو هڪ انتهائي ڇرڪائيندڙ ۽ خوف ناڪ مثال اهو آهي ته  جڏهن تازو سينئر رٽائرڊ ڪرڪيٽرن جي چيمپئن ٽرافي ٿي رهي هئي ته ڀارتي ميڊيا رٽائرڊ ۽ سينئر ڀارتي ڪرڪيٽرن خلاف پروپئنگڊا  هلائي ته انهن کي پاڪستان جي شاهد آفريدي جي ٽيم ۾ هئڻ ڪري ميچ نه کيڏڻ گهرجي ۽ بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي. جنهن دٻاءُ جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ڪرڪيٽرن واقعي به کين موقعي تي پاڪستاني ٽيم سان اهو چئي ميچ نه کيڏڻ جو اعلان ڪيو ته ان ۾ شاهد آفريدي نه هجي ۽ نه ئي ميچ دوران هو گرائونڊ ۾ هجي. جڏهن ته شاهد آفريديءَ کي ڪو اوچتو ٽيم ۾ شامل نه ڪيو ويو هو، ٽيمن جو اعلان گهڻو اڳ ۾  ٿيندو آهي ۽ ان ٽورنامينٽ لاءِ سليڪٽ ٿيل ٽيم ۾ پهريون کان ئي شاهد آفريدي جو نالو ڏنل هو. جنهن جي ڀارتي ٽيم کي خبر به هئي پر جيئن اسان مٿي لکيو آهي ته اصل ۾ اها ڀارتي ميڊيا جي پروپئنگنڊا هئي ته جيڪڏهن سندن ڪرڪيٽر شاهد آفريدي واري ٽيم سان کيڏيا ته اهي ملڪي غدار ليکيا ويندا. اهڙي مهم جوئي ڏسي لڳي ٿو ته اهي ڪرڪيٽر به ڊڄي ويا ۽ ميچ کيڏڻ کان انڪار ڪيائون جيڪو ڪرڪيٽ جي تاريخ جي انوکن ۽ افسوس جوڳن واقعن مان هڪ واقعو آهي.هاڻي وري جڏهن ٽي ٽونٽي جو ايشيا ڪپ سيپٽمبر ۾ ٿي رهيو آهي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت کي به هڪٻئي سان کيڏڻو آهي ته هاڻي به ڀارتي ميڊيا منفي پروپئنگنڊا ڪري رهي آهي

اسان جو خيال آهي ته معاملن کي ان سطح تي نه وٺي وڃڻ گهرجي جو پاڪستان ۽ ڀارت جون ڪرڪيٽ ٽيمون ڪڏهن به هڪٻئي  سان راند نه کيڏي سگهن. هاڻي وري پاڪستاني ميڊيا تي به احمد شهزاد جهڙا ڪي  غير ذميوار ۽ جذباتي ڪرڪيٽر خراب ماحول ٺاهي رهيا آهن ته ڀارت پيسن لاءِ ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان سان کيڏي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جيو ٽي وي چينل تي ڪيو جنهن جي ردعمل ۾ جيڪڏهن ڀارتي ميڊيا تي به اهڙو اٻهرائي وارو بيان آيو ته پوءِ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. تنهن ڪري ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ بورڊن ۽ ميڊيا کي گهرجي ته اهي اهڙو بيانيو نه گهڙين جنهن سان ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ کي هاڃو رسي خاص ڪري ڪرڪيٽرن کي روڪيو وڃي ته اهي نفرت انگيز ۽ تڪراري بيان بازي کان پاسو ڪن. شاهد آفريديءَ به ڀارت ۽ اتان جي حڪومت خلاف اهڙو ردعمل ڏيکاريو هو جنهن ڪري سندس خلاف ڀارتي ڪرڪيٽرن کيڏڻ کان منع ڪيو هو. سو ڪرڪيٽرن کي سياسي بيان بازي ته ڪرڻ ئي نه گهرجي. ڪرڪيٽرن، فنڪارن، اداڪارن، اديبن ۽ صحافين کي ته اسان ملڪن جا سفير سمجهندا آهيون. سو انهن فنڪارن، اديبن، اداڪارن ۽ ڪرڪيٽرن کي  ملڪن جو سفير وارو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ۽ کين سندن اها ذميواري محسوس ڪرائڻ گهرجي ته اوهان کي صرف ۽ صرف امن جون ڳالهيون ڪرڻيون آهن، نفرتون ناهن پکيڙڻيون.

سو هاڻي ٻنهي ملڪن جي ميڊيا جو ڪم آهي ته اهي پاڪ ڀارت جي بهتر ۽ پاڙيسيري ملڪن وارن لاڳاپن جي بحالي جي ڳالهه ڪن ۽ حڪومت کي به مجبور ڪن ته سياست کي سياست تائين محدود رکن، اختلافن کي جنگين ۽ جنگين کي راندين جي ميدانن ڏانهن نه کڻي وڃن. ان لاءِ ٻنهي ملڪن خاص ڪري ڀارت جي ميڊيا جو قبلو درست ڪرڻ جي ضرورت آهي. بي جي پي جي انتهاپسند حڪمران جماعت تي ته تنقيد پنهنجي جاءِ تي پر پاڻ کي حيرت آهي ته ڀارت جي حڪومت مخالف سياسي جماعتن، اتان جي دانشورن، سفارتڪارن، ڪرڪيٽرن ۽ عوام تي ته اهي  ڇو خاموش آهن ۽ جنگين، نفرت جي سياست بدران آخر امن جي ڳالهه ڇو نه ٿيون ڪن ۽ ٻنهي ملڪن جي خراب کان خراب ٿيندڙ لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ ڏانهن ڇونه ٿي اڳڀرائي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.