ھارڊ پاور (سخت طاقت) هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي سياست جي مرڪز ۾ پوري شدت سان واپس اچي چڪي آهي.جيتوڻيڪ ان جي اهميت ڪڏهن به گهٽ نه ٿي هئي ۽ نه ڪڏهن ٿيندي. بين الاقوامي معاملن ۾ فوجي طاقت هڪ اهم قوت جو ذريعو بڻيل رھندي. بهرحال اميد ڪئي ويندي ته جنگين کي رياستن جي وچ ۾ اختلافن ختم ڪرڻ جي طريقي طور ترڪ ڪيو ويندو ۽ طاقت جو استعمال صرف آخري رستي طور ڪيو ويندو.عام تصور حاوي ھو ته رياستون فوجي يا معاشي جبر جي مقابلي ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري کي اوليت ڏينديون. ۽ سافٽ پاور (نرم طاقت) يعني قائل ڪرڻ جي طاقت کي پرڏيهي پاليسي جي مقصدن حاصل ڪرڻ ۽ عالمي اثر و رسوخ قائم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ استعمال ڪيو ويندو.پر اڄ صورتحال اهڙي نه آهي. طاقتور ملڪ ۽ علائقائي طاقتون ٻين ملڪن کي هيٺ ڪرڻ لاءِ سخت طاقت استعمال ڪري رهيون آهن. انهن لاءِ، طاقت جو استعمال ھاڻي آخري نھ بلڪھ اول آپشن بڻجي چڪو آھي ۽ اهو ئي ذريعو بڻجي ويو آھي، اختلافن کي ‘حل’ ڪرڻ ۽ پنهنجي مرضي مڙھڻ جو، غزه مٿان اسرائيل جي جنگ، ايران، شام، لبنان ۽ يمن تي ان جا حملا، يوڪرين تي روس جو حملو، ايران تي آمريڪا جي بمباري ۽ پاڪستان خلاف هندستان جون فوجي ڪارروائيون، اھي سڀ طاقت جي وڌندڙ استعمال جا ثبوت آهن.
اهي سڀ ڪارروايون بين الاقوامي قانون ۽ طاقت جي استعمال تي موجوده قانوني پابندين جي چٽي لتاڙ آهن. اهي ڪارروايون مڪمل استثنيٰ سان ڪيون پيون وڃن.جنھن سان اڳ ئي وکريل عالمي نظام وڌيڪ ٽڪرا ٽڪرا ڪيو پيو وڃي ۽ عالمي تعاون جي نظام کي نقصان پھچايو پيو وڃي.عالمي اصول، جيڪي سخت طاقت جي زبردستي استعمال کي گهٽ اھميت ڏين ٿا، انهن کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪيو پيو وڃي تھ جئين مقصد حاصل ڪيا وڃن.. هن جديد توپ بردار سفارتڪاري ‘ گن بوٽ ڊپلوميسي’ جو مقصد سياسي ۽ اقتصادي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ طاقت يا ان جي ڌمڪي جو وڌندڙ استعمال آهي.ان روش دنيا کي قانون کان محروم هابزي (ھابسين) دنيا ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي.
بين الاقوامي معاملن ۾ ھارڊ پاور جي وڌندڙ اهميت جو اندازو ان حقيقت ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته ملڪ، خاص طور تي وڏيون طاقتون،پنھنجي ھارڊ پاور جي وسيلن ۾ مسلسل وڌارو ڪري رهيون آهن. عالمي دفاعي خرچن ۾ تيزي سان اضافو ان جو ثبوت آهي. اهي خرچ نئين بلندين تي پهچي چڪا آهن ڇاڪاڻ ته دنيا جا ننڍا وڏا ملڪ پنھنجا ھارڊ پاور اثاثا وڌائڻ اڻٽر سمجھن ٿاتھ جيئن اھي پنهنجا مقصد حاصل ڪري سگھن ۽ غير مستحڪم عالمي ماحول ۾ پنهنجي سلامتي کي يقيني بڻائي سگھن
معاشي جبر ذريعي ھارڊ پاور جي مظاھري جو هڪ ٻيو مثال ٽرمپ انتظاميا جي پاليسين ۾ ڏسي سگهجي ٿو. صدر ڊونلڊ ٽرمپ لڳ ڀڳ سمورن ملڪن تي ڳالهين ۾ وڏي ٽيرف لاڳو ڪري تجارتي جنگ ڇيڙي ڇڏي تھ جيئين ڳالھين ۾ دٻاءِ وجھي رعايتون حاصل ڪري سگھجن،
معاشي جبر ذريعي ملڪن کي قابو ڪرڻ جو هي طريقو دشمنن ۽ اتحادين ۾ فرق نٿو ڪري. سڀني ملڪن کي واپاري معاهدا ٻيهر طئي ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ٽيرف کي معاشي فائدي لاءِ سزا ڏيندڙ اوزار طور استعمال ڪيو پيو وڃي. ان پاليسي ذريعي پيغام ڏنو پيو وڃي ته جيڪڏهن آمريڪي مطالبا نھ مڃيا ويا ته ان جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي. اهڙيون انتهائي هڪ طرفين پاليسين جو نتيجو رڳو عالمي واپاري نظام جي تباهي نھ آھي بلڪھ ملڪن جي وچ ۾ رابطي جي قائم ڪيل اصولن کي به ناس ڪري ٿو ڇڏي. جتي نامعلوم عنصر معلوم پاسن تي حاوي ٿي ويا آهن.
ڇا ان سڀ جو مطلب اهو آهي ته سافٽ پاور پنهنجي اهميت وڃائي چڪو آهي؟ ڇا ھارڊ پارو جي وڌندڙ استعمال سفارتڪاري جي اھميت گهٽجي وئي آهي؟ ڇا ٻين کي قائل ڪرڻ بدران دٻاءُ وجهڻ جو رجحان غالب ٿي ويو آهي؟ ڇا ‘نرم طاقت’ جو تصور هاڻي پراڻو ٿي چڪو آهي، جيئن ڪجهه تجزيه نگار دعويٰ ڪن ٿا ؟ مختصر جواب آهي: نه، ڇاڪاڻ ته اهو اڄ به بين الاقوامي سياست جو هڪ اهم جزو آهي. اھي بنيادي هٿيار جنهن سان ملڪ پنهنجو اثر قائم ڪن ٿا ۽ عالمي تاثر کي پنهنجي مرضي مطابق شڪل ڏين ٿا. تنهن ڪري، جيتوڻيڪ اڄ ھارڊ پاور حاوي نظر اچي ٿو. ان مان اهو نتيجو ڪڍڻ غلط هوندو ته سافٽ پارو يعني ٻين جي ترجيحن کي پنھنجي طرف مائل ڪرڻ ۽ ‘ڪشش’ ذريعي نتيجا حاصل ڪرڻ جي صلاحيت، هاڻي عالمي منظرنامي ۾ بي معنيٰ ٿي چڪي آهي.
حقيقت اها آهي ته جتي آمريڪا ۽ ٻيون رياستون ھارڊ پاور استعمال ڪري رهيون آهن، اتي چين هڪ وڌندڙ سافٽ پاور جي حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، جيڪا ان جي معاشي ۽ فوجي طاقت ۾ اضافي جي تڪميل ڪري ٿي. ان حڪمت عملي چين کي پنهنجي عالمي اثر کي وڌائڻ، اعتماد قائم ڪرڻ ۽ ٻين ملڪن کان وڌيڪ تعاون حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏني آهي. تعجب جي ڳالهه ناهي ته، مشھور ڪنسلٽنسي فرم ،برانڊ فنانس، جي تازي ‘گلوبل سافٽ پاور انڊيڪس’ ۾ چين 193 ملڪن مان ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي. اها ان جي گھڻ رخي معاشي، سفارتي ۽ ثقافتي حڪمت عملي جو نتيجو آهي، جيڪا ان جي عالمي تصوير کي بهتر بڻائڻ لاءِ اختيار ڪئي وئي آهي.
چين جو بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو (جنهن ۾ 150 ملڪ شامل آهن)، مصنوعي ذهانت ۾ ان جي ٽيڪنالوجي جي اڳڀرائي، ترقياتي امداد، گرين ٽيڪنالوجي ۾ سيڙپڪاري، ۽ ثقافتي سفارتڪاري سڀ ان جي سافٽ پاور جا گھڻا رخا پاسا آھن. ساڳئي طرح مختلف ادارن ۾ ان جو فعال ڪردار ۽ ‘گلوبل سائوٿ’ جي نمائندگي پڻ ان جي سافٽ پاور جو حصو آهن. مثال طور، سعودي عرب ۽ ايران ۾ لاڳاپن جي بحالي ۾ ان جي ٽياڪڙي ان جي سافٽ پاور کي وڌيڪ وڌايو آهي. انهن سڀني عنصرن چين کي عالمي سطح تي پنهنجو اثر وڌائڻ ۽ پنهنجي حق ۾ بين الاقوامي تاثر قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي.
سافٽ پاور جو تصور پيش ڪندڙ ،جوزف ناءِ، پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ اهو سوال اٿاريو ته ڇا اڄ جي دور ۾ بھ سافٽ پاور اهم آهي؟ ” فارن افيئرز ” جي تازي شماري ۾ شايع ٿيل هڪ مضمون ۾، جيڪو ۽ هن پنهنجي موت کان ٿورو اڳ مشهور عالم رابرٽ ڪيوھين سان گڏ لکيو، ھو واضح ڪري ٿو ته صدر ٽرمپ، جيڪو ” زبردستي تي غير معمولي طور ڀاڙيندو ھو ” هو،سافٽ پاور ۽ ان جي ڪردار کي سمجهڻ کان محروم ھو۽ ھو صرف ھارڊ پاور تي ڀاڙيندو ھو. سندس مطابق، هي حڪمت عملي ڊگهي عرصي ۾ ناڪام ٿيندي.ان جو سبب ھي آھي ته جيڪڏهن ڪو ملڪ پرڪشش آهي، ته ان کي ٻين جي رويي کي تبديل ڪرڻ لاءِ ترغيبن ۽ سزا تي ڀاڙڻ جي گهٽ ضرورت پيش ايندي آهي.
ان کان علاوه "جيڪڏهن اتحادي ڪنهن ملڪ کي خوش اخلاق ۽ اعتماد جوڳو سمجهن ٿا، ته اهي وڌيڪ آساني سان ان جي قيادت کي قبول ڪن ٿا” پر جيڪڏهن اهي پنهنجي واپاري ساٿي کي هڪ غاصب يا غنڊو سمجهن ٿا، ته اهي ان کان پاڻ کي پري رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ ڊگهي عرصي ۾ ان تي ڀاڙڻ کي گهٽائڻ چاهيندا. ليکڪ لکن ٿا ته ھڪ اھڙي دنيا ۾ جتي ھڪ ٻئي تي ڀاڙڻ جو عمل وڌي رھيو آھي، اتي سھڪار جو عمل اڻٽر آهي ۽ هي اھو ميدان آھي جتي سافٽ پارو جي حڪمت عملي اثرائتي ثابت ٿيندي آھي.
تنهن ڪري، جيتوڻيڪ اڄ جي دور ۾ سخت طاقت جو مظاهر ظاھر طور تي غالب آھي نرم طاقت بھ بين الاقوامي سياست ۾ پنهنجي جاءِ ۽ اهميت رکي ٿي. ان جو مطلب اهو آهي ته ملڪ پنھنجا مفاد نھ رڳو فوجي ۽ معاشي طاقت ذريعي نھ پر قائل ڪرڻ ۽ ڪشش ذريعي به حاصل ڪري سگهن ٿا، جيڪي ٻين رياستن کي تعاون ۽ سهڪار لاءِ آماده ڪن ٿا. نرم اثاثا سخت وسيلن جو متبادل تھ نٿا ٿي سگهن، پر اهي رياستن کي احترام ۽ اعتماد ڏئي سگهن ٿا جيڪو قومي مقصدن جي ڪامياب حصول لاءِ لازمي آهي.