مري وري جيئڻ جو تجربو، بگاڙ کان سنوار تائين، اهڙيون فلمون جيڪي توهان کي چُرڻ نه ڏينديون

ٽائيم لوپ يا هڪ مخصوص وقت جو بار بار ورجاءُ، سائنس فڪشن فلمن جو تمام مشهور خيال رهيو آهي.
عام طور تي اهڙي قسم جي فلمن ۾ ڪردار ڪنهن نه ڪنهن سبب هڪ ڏينهن يا واقعي مان بار بار گذرندا آهن ۽ ان مان نڪرڻ لاءِ حل ڳوليندا آهن.
ٽائيم لوپ ڇا آهي؟
اِهو هڪ اهڙو تصور آهي جنهن موجب جيڪڏهن ڪو ماڻهو ان ۾ ڦاسي پوي ٿو ته ان کي مخصوص وقت (جهڙوڪ ڪجهه منٽ، ڪجهه ڪلاڪ يا هڪ ڏينهن) يا ڪنهن واقعي مان بار بار گذرڻو پوي ٿو.
ان تصور تي گهڻي ڀاڱي ٿرلر، تجسس يا سائنس فڪشن فلمون ٺاهيون ويون آهن، پر ڪجهه رومانوي، ڊراما ۽ مزاحيه فلمن ۾ پڻ پڻ ٽائيم لوپ واري عمل تي ويچاريو ويو آهي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

ان سلسلي ۾ اڄ اسان ڪجهه اهڙيون فلمن جي فهرست پيش ڪري رهيا آهيون، جيڪي ٽائيم لوپ تي آڌاريل آهن ۽ اِهي ڏسڻ سان نه رڳو توهان کي ان موضوع بابت ڄاڻڻ ۾ سولائي ٿيندي پر فلمن جي ڪهاڻي شروع کان آخر تائين توهان اسڪرين کان پري ٿيڻ نه ڏيندي.

هيپي ڊيٿ ڊي (2017)
هيپي ڊيٿ ۾ ۾ هڪ ناري ٽائيم لوپ ۾ ڦاسي پوي ٿي ۽ هڪ ئي ڏينهن کي بار بار جيئي ٿي، جيڪو هميشه سندس قتل تي ختم ٿئي ٿو.
هوءَ هر ڀيري مختلف طريقي سان قتل ٿئي ٿي ۽ قاتل جي سڃاڻپ جي ڪوشش ڪندي رهي ٿي.
جڏهن ته ايج آف ٽومارو (2014) ۾ ٽام ڪروز هڪ جنگي ميدان ۾ هڪ وڏي ” خلائي مخلوق“مارڻ کانپوءِ پاڻ به مري وڃي ٿو، پر وري ساڳئي ڏينهن جي صبح جو جاڳي پوي ٿو، اهڙي طرح هو بار بار مري ۽ وري جيئندو آهي.
سورس ڪوڊ (2011) ۾ آمريڪي فوج جو پائيلٽ هڪ ريل ۾ ڌماڪو ڪندڙ شخص کي سڃاڻڻ لاءِ بار بار 8 منٽ ٽائيم لوپ مان گذري ٿو، فلم ۾ ٿرل، جذبن ۽ ٽيڪنيڪل تجسس سان ڀرپور آهي.
اهڙي ريت پريڊيسٽينيشن (2014) وري هڪ ٽائيم ٽريول ايجنٽ جي ڪهاڻي آهي جيڪو نيويارڪ ۾ بم ڌماڪي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
فلم جو پلاٽ پيچيده آهي، جيڪو آخر تائين ڏسندڙ کي اسڪرين سان جوڙي رکي ٿو
ابائوٽ ٽائيم (2014) هڪ رومانوي مزاحيه فلم آهي، جتي ٽِم نالي نوجوان کي وقت ۾ سفر ڪرڻ جي صلاحيت آهي، اهڙي ريت هو ماضي ۾ وڃي پنهنجون غلطيون سڌاري ٿو، پر پوءِ اِها طاقت ئي سندس پريشانين جو سبب بڻجي ٿي.
دي انفائينائيٽ مين (2014) ۾ هڪ سائنسدان پنهنجي بريڪ اپ کانپوءِ ٽائيم مشين ٺاهي، گرل فرينڊ کي ماضي ۾ وٺي وڃي ٿو، پر پر هو معاملا بگاڙي ويهي ٿو، هو ۽ سندس گرل فرينڊ ٽائيم لوپ ۾ ڦاسي پون ٿا.
پام اسپرنگر (2020) اهڙي فلم آهي جنهن ۾ هڪ شادي جي تقريب دوران ٻه ماڻهو ٽائيم لوپ ۾ ڦاسي پون ٿا، اها رومانوي ڪاميڊي سان ڀرپور، فلم آهي جنهن ۾ زندگي جي سچائين کي مزاحيا انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي.
جڏهن ته پرائمر (2004) ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته چئن دوستن مان ٻه ماڻهو هڪ ٽائيم مشين ايجاد ڪن ٿا، شروع ۾ هو ان سان اسٽاڪ مارڪيٽ کي ڌوڪو ڏين ٿا، پر پوءِ معاملا بگڙي وڃن ٿا. هي فلم ذهني طور تمام گهڻي پيچيده آهي.
لوپر (2012) اهڙي فلم آهي جيڪا مستقبل کان ماضي ۾ اُماڻيل ماڻهن کي قتل ڪرڻ وارن قاتلن تي فلمايل آهي.
ريور (2023) هڪ جپاني فلم آهي جتي سڀ ماڻهو 2 منٽ جي ٽائيم لوپ ۾ ڦاسي پون ٿا.
مزاح سان ڀرپور هن فلم کي دلچسپ ڪهاڻي جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو آهي ۽ ان جي ريٽنگ سو سيڪڙو آهي.
ٽراِ ءِ اينگل (2009) هڪ نفسياتي هارر فلم آهي، جنهن ۾ هڪ عورت ۽ سندس دوست اوچتو ظاهر ٿيندڙ جهاز تي چڙهن ٿا ۽ پوءِ اهو جهاز ٽائيم لوپ جو شڪار ٿيڻ لڳي ٿو، فلم جو تجسس سان ڀرپور آهي تنهنڪري ڏسڻ کان سواءِ سمجهي نه سگهبي.
بوس ليول (2020) ۾هڪ رٽائر فوجي ٽائيم لوپ ۾ ڦاسي پوي ٿو جتي ڪيترائي قاتل هن کي مارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، هو هر موت کي ياد ڪري آخرڪار ان شخص تائين پهچي ٿو جنهن کيس ان ٽائيم لوپ ۾ ڦاسايو هو.
بيفور فال (2017) ۾ هڪ ناري گاڏي جي حادثي ۾ مري وڃي، پر وري ساڳئي ڏينهن ۾ وري زنده ٿي وڃي ٿي ۽ اهو ڏينهن بار بار جيئي ٿي. فلم ۾ وقت جي تڪرار سان گڏوگڏ نوجوانن جي زندگي جي حقيقي مسئلن کي به اُجاگر ڪيو ويو آهي.
گرائونڊ هوگ ڊي (1993) ٽائيم لوپ تي ٻڌل مزاحيا فلم آهي، جنهن ۾ هڪ رپورٽر ساڳي ڏينهن کي بار بار جيئندي بهتر شخص بڻجي ٿو، هي فلم دل کي ڇهندڙ لمحن ۽ ڪاميڊي سان ڀرپور آهي ۽ جيڪا ڏسندڙن کي هر واري نئون احساس ڏياري ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.