گرو دت جي زندگيءَ جا اُهي پاسا جنهن بابت کوڙ ماڻهو اڻ واقف آهن

مشهور ڀارتي هدايتڪار ۽ اداڪار گرو دت جو جڏهن 1964ع ۾ ديهانت ٿيو، ان وقت سندس عمر رڳو 39 سال هئي، پر هندي سئنما تي هن جيڪا گهري ڇاپ ڇڏي اها اڄ به سندس سڃاڻپ جو اهم حوالو بڻيل آهي.
هو 9 جولاءِ 1925ع تي ڀارتي رياست ڪرناٽڪ ۾ ڄائو، اڄ سندس سئو سالا جنم ڏينهن ملهايو پيو وڃي، پر ڪئميرا پٺيان موجود ان شخص جي ذهني بيچيني ۽ ان خلاف سندس مسلسل ويڙهاند بابت ڪيترائي اهڙا پاسا آهن جن بابت ڪيترائي ماڻهو اڻ واقف آهن.
”پياسا“ ۽ ”ڪاغذ ڪي ڦول“ جهڙين ڪلاسيڪي فلمن جو تخليقڪار گرو دت پنهنجي ڪم ۽ منفرد انداز جي ڪري فلمسازي ۾ هڪ الڳ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
سندس ڏکيا ڪردار گهڻو ڪري سندس ئي ذاتي جدوجهد جو عڪس هئا.
سندس ڪهاڻين ۾ اوچائين کي ڇهڻ جي سگهه هئي ۽ سندس ٺاهيل فلمن ذريعي زندگيءَ جي تلخ حقيقتن کي سمجهڻ ۽ قبولڻ ۾ مدد ملندي هئي.
گرو دت جي شروعات نهايت عاجزاڻي هئي، سندس ننڍپڻ مالي تڪليفن ۾ گذريو هو، سندس خاندان روزگار جي ڳولا ۾ اوڀر هندستان جي بنگال منتقل ٿيو، جتي نوجوان گرو دت کي مقامي ثقافت گهڻو متاثر ڪيو.
1940ع واري ڏهاڪي ۾ بمبئي (هاڻ ممبئي) جي فلم انڊسٽري ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ هن پنهنجو خانداني نالو پاڊڪون ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو.
فلمي سفر جي شروعات هن ڪوريئوگرافر طور ڪئي ۽ پنهنجن ضرورتن جي پورائي لاءِ ٽيليفون آپريٽر طور پڻ ڪم ڪيو.
ان ڏهاڪي دوران جڏهن ڀارت جي آزاديءَ جي تحريڪ زور ورتو، تڏهن ملڪ جي حالتن هڪ فنڪار جي سوچ ۽ ڪم کي به متاثر ڪيو.
ان دور ۾ هن ”ڪشمڪش“ نالي هڪ ڪهاڻي لکي، جيڪا سماجي مايوسي تي آڌاريل هئي جنهن کي پوءِ وڏي پردي تي”پياسا“ جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو. گرو دت جي ديو آنند سان دوستي ٿي، جيڪو پاڻ به جلد ئي هڪ مشهور اداڪار بڻجي ويو.
ديو آنند گرو دت کي 1951ع ۾ پنهنجي فلم ”بازي“ جي هدايتڪاري جو موقعو ڏنو، جيڪا ٻنهي جي ڪيريئر لاءِ وڏي ڪاميابي ثابت ٿي.
گرو دت مشهور گلوڪارا گيتا راءِ سان محبت ۾ ٿي، سندس ويجها دوست چون ٿا ته زندگي جا اهي شروعاتي سال هن لاءِ سڀ کان وڌيڪ خوشگوار هئا.
هن پنهنجي فلم ڪمپني جي شروعات ڪئي ۽ ”آر پار“، ”مسٽر اينڊ مسز 55“ جهڙين رومانوي مزاحيه فلمن ذريعي ڪاميابي ماڻي، جن ۾ هن پاڻ به اهم ڪردار ادا ڪيو، پر پنهنجي فن جي گهراين کي سمجهي هن هڪ وڌيڪ سنجيده ۽ فيصلائتي فلم ”پياسا“ ٺاهي.
”پياسا“ سرمائيدار دنيا ۾ هڪ فنڪار جي جدوجهد جو عڪس هئي، جيڪا وقت جي آزمائش تي پوري لٿي ۽ ٽائيم مئگزين جي 20هين صديءَ جي 100 عظيم ترين فلمن جي لسٽ ۾ شامل ٿيندڙ واحد هندي فلم بڻي.
1956ع ۾ جڏهن سندس ”ڊريم پروجيڪٽ“ پڄاڻيءَ جي ويجهو هو، تڏهن رڳو 31 سالن جي عمر ۾ گرو دت پهرين ڀيرو آپگهات جي ڪوشش ڪئي.
سندس ڀيڻ لليتا لاجمي موجب ”اسان کي جڏهن خبر پئي ته گرو دت آپگهات جي ڪوشش ڪئي آهي ته اسين ترت ئي پالي هِل پهتاسين. مان ڄاڻندي هيس ته هو ذهني مسئلن جو شڪار آهي، هو مون کي اڪثر فون تي چوندو هو ته اسان کي ڳالهائڻ گهرجي، پر جڏهن مان اتي پهتيس ته هو ان بابت نه ڳلهائيندو هو.“
لاجمي موجب، اسپتال مان ڊسچارج ٿيڻ کانپوءِ فيملي طرفان ڪا به پيشيوراڻي مدد نه ورتي وئي.
ان وقت ذهني صحت تي ڳالهائڻ سماجي طور تي معيب سمجهيو ويندو هو ۽ مٿان ”پياسا“ ۾ وڏي سيڙپڪاري ٿيل هئي، جنهن سبب خاندان پنهنجي ڀاءُ جي اندروني تڪليفن سان گڏ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي.
1957ع ۾ رليز ٿيل ”پياسا“ گرو دت کي شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو، پر هو پنهنجي ڪاميابيءَ جي باوجود اندروني طور تي هيکلائي جو شڪار رهيو.
سندس سئنماٽوگرافر وي ڪي مورتي کيس ساريندي چيو ته ”هو چوندو هو ته مان چاهيو ٿي ته هڪ سٺو هدايتڪار بڻجان، سٺيون فلمون ٺاهيان، اهو سڀ ڪجهه مون حاصل ڪيو، پئسو به آهي، پر پوءِ به مون وٽ ڪجهه ڪونهي.“
چينل فور جي دستاويزي فلم ”اِن سرچ آف گرو دت“ ۾ سندس ساٿي اداڪارا وحيدا رحمان ياد ڪندي چيو ته”هو چوندو هو ته زندگيءَ ۾ صرف ٻه شيون آهن: ڪاميابي ۽ ناڪامي، وچ ۾ ڪجهه به ناهي.“
گرو دت جي پنهنجي فلم ڪمپني کي ڪاميابيءَ سان هلائڻ لاءِ هڪ سادي حڪمت عملي هئي، هر فنڪارڻي تجربي کانپوءِ اهڙي فلم ٺاهي وڃي جيڪا تجارتي طور ڪامياب ٿئي.
پر ”پياسا“ جي ڪاميابيءَ کانپوءِ گرو دت پنهنجي ئي قائم ڪيل اصول کي وساري ويٺو ۽ سڌو پنهنجي ذاتي ۽ مهانگي فلم ”ڪاغذ ڪي ڦول“ ٺاهڻ ۾ لڳي ويو.
هي فلم هڪ اهڙي فلمساز جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ناخوشگوار شادي ۽ پنهنجي تخليقي الهام (ميوز) سان واڳيل پيچيده رشتن کي ڏيکاريو ويو آهي.
فلم غيرمعمولي انداز سان تڏهن ختم ٿئي ٿي جڏهن فلمساز شديد اڪيلائي ۽ ناڪام رشتن سان سمجهوتو نه ڪري سگهڻ سبب تباهه ٿي وڃي ٿو.
جيئن ته اڄ ان کي هڪ ڪلاسيڪي فلم طور مڃيو وڃي ٿو، پر ان وقت اها تجارتي طور ناڪام ثابت ٿي ۽ چيو وڃي ٿو ته گرو دت انهيءَ ڌڪَ مان ڪڏهن به پاڻ کي ٻيهر سنڀالي نه سگهيو.
”ڪاغذ ڪي ڦول“ کانپوءِ گرو دت وري ڪنهن فلم جي هدايتڪاري نه ڪئي.
وقت سان گڏ سندس فلم ڪمپني ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيٺي ۽ ”چوڌوين ڪا چاند“ سان فلمساز طور زبردست واپسي ڪئي، جيڪا سندس ڪيريئر جي سڀ کان وڏي تجارتي ڪاميابي ثابت ٿي.
ان کانپوءِ هن ”صاحب بيبي اور غلام“ تي ڪم شروع ڪيو، جنهن جي هدايتڪاري سندس اعتماد جوڳو ساٿي اسڪرين رائيٽر ابرار علوي ڪئي.
لاجمي موجب، ان وقت تائين سندس ذاتي زندگي سخت انتشار جو شڪار هئي ۽ سندس مزاج ۾ لاها چاڙها معمول بڻجي ويا هئا.
مصنف بمل مِترا ياد ڪري ٿو ته گرو دت کيس پنهنجي ننڊ جي کوٽ ۽ ننڊ جي گولين تي ڀارڻ بابت ٻڌايو هو.
ان وقت تائين سندس شادي ٽٽي چڪي هئي ۽ ذهني حالت به انتهائي خراب ٿي چڪي هئي. مِترا کي گرو دت جون اهي ڳالهيون ياد آهن، جڏهن هو بار بار چوندو هو”مون کي لڳي ٿو مان چريو ٿي ويندس.“
هڪ رات گرو دت ٻيهر خودڪشي جي ڪوشش ڪئي ۽ ٽن ڏينهن تائين بيهوش رهيو.
لاجمي ٻڌائي ٿي ته ان واقعي کانپوءِ ڊاڪٽر جي صلاح تي سندس خاندان هڪ نفسياتي ماهر سان رابطو ڪيو، پر گرو دت ٻيهر ان وٽ وڃڻ لاءِ تيار نه ٿيو.
لاجمي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ”اسان وري ڪڏهن به نفسياتي ماهر کي نه گهرايو.“
ڪيئي ورهين تائين هوءَ اِهو سمجهندي رهي ته سندس ڀاءُ خاموشي سان مدد لاءِ سڏيندي رهيو ، شايد هو اهڙي اوندهه ۾ ڦاٿل هو، جتي نه ڪو سندس درد پسي سگهيو نه ئي هو پاڻ ان مان ٻاهر نڪري سگهيو.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جڏهن گرو دت اسپتال مان ڊسچارج ٿيو ته ”صاحب بيبي اور غلام“ جي شوٽنگ ٻيهر ائين شروع ٿي ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه هو.
جڏهن بمل مِترا هن واقعي بابت گرو دت کان پڇيو ته هن چيو ته ”اڄڪلهه مان اڪثر سوچيندو آهيان ته اها ڪهڙي بيچيني هئي، ڪهڙي بيقراري هئي، جنهن مون کي آپگهات تي راضي ڪيو؟ جڏهن مان ان بابت سوچيندو آهيان ته ڊپ مان ڏڪي ٿو وڃان، پر ان ڏينهن، ننڊ جون گوليون وٺڻ ۾ مون کي ڪا به هٻڪ محسوس نه ٿي.“
هيءَ فلم ڪامياب ٿي ۽ 1963ع جي برلن فلم فيسٽيول ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪئي ۽ نيشنل ايوارڊ پڻ ماڻيو.
پر گرو دت جون ذاتي پريشانيون وڌنديون ويون، هو پنهنجي زال کان ڌار ٿي ويو، جيتوڻيڪ هو فلمون ٺاهيندو ۽ اداڪاري ڪندو رهيو، پر اندروني طور تي شديد اڪيلائي جو شڪار رهيو، اڪثر دٻاءُ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ شراب ۽ ننڊ جون گوليون وپرائيندو رهيو.
۽ 10 آڪٽوبر 1964ع تي 39 سالن جي عمر ۾ گرو دت پنهنجي ڪمري ۾ مئل حالت ۾ هٿ آيو.
سندس ساٿي اداڪارا وحيدا رحمان 1967ع جي ”جرنل آف فلم انڊسٽري“ ۾ لکيو ته ”مان ڄاڻان ٿي ته هو هميشه موت جي خواهش ڪندو رهيو، سدائين ان لاءِ ترسندو رهيو… ۽ نيٺ ان تائين پهچي ويو.“
جيئن ”پياسا“ جي مرڪزي ڪردار سان ٿيو، ائين ئي گرو دت کي به اصل سڃاڻپ سندس موت کانپوءِ ملي.
سئنما سان محبت ڪندڙ اڄ به اهو سوچين ٿا ته جيڪڏهن هو ڪجهه عرصو وڌيڪ زنده رهي ها ته ڇا ٿئي ها؟ شايد هو پنهنجي شاعراڻين ۽ با مقصد فلمن ذريعي ڀارتي سئنما جو نقشو هميشه لاءِ بدلائي ڇڏي ها..!

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.