(ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور وڊيو شيئرنگ سروس يوٽيوب ذريعي سڄي دنيا ۾ ڪيئي ماڻهو واڌو آمدني حاصل ڪري رهيا آهن.
حقيقت ۾ يوٽيوب وڊيوز ذريعي پئساڪمائڻ لاءِ هڪ پرڪشش پليٽفارم بڻجي چڪو آهي ۽ اربين واهپيدار وڊيو شيئرنگ ايپ جو استعمال ڪن ٿا، تنهنڪري تخليقي ذهن رکندڙن لاءِ هي پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿو.
ان کانسواءِ يوٽيوب پارٽنر پروگرام جو حصو بڻجي هر واهپيدار هن پليٽفارم ذريعي آمدني حاصل ڪري سگهي ٿو، پر سوال اهو آهي ته يوٽيوب مان پئساڪمائڻ لاءِ ڇا ڪرڻ ضروري آهي؟
يوٽيوب مونيٽائيزيشن ڇا آهي؟
يوٽيوب مونيٽائيزيشن ذريعي واهپيدارن کي اشتهارن، چينل جي ميمبرشپ، سپر چيٽ ۽ مرچنڊائيز جهڙن ذريعن مان آمدني حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو. ڄاڻايل فيچرن کي ان لاڪ ڪرڻ لاءِ اوهان کي يوٽيوب پارٽنر پروگرام جو حصو بڻجڻو پوندو.
يوٽيوب پارٽنر پروگرام ۾ شموليت جا شرط
پنهنجي يوٽيوب چينل ذريعي آمدني حاصل ڪرڻ کان اڳ اوهان کي هن پليٽفارم جي شرطن پورو لهڻو پوندو.
سڀني مونيٽائيزيشن پاليسين تي عمل
يوٽيوب جي سڀني پاليسين ۽ گائيڊ لائنز تي عمل ڪرڻ لازمي آهي، جنهن ۾ ڪميونٽي گائيڊ لائنز، ٽرمينز آف سروس ۽ ڪاپي رائيٽ قانون شامل آهن.
واءِ پي پي پروگرام واري ملڪ ۾ رهائش
هن پروگرام ۾ شموليت اهڙن ماڻهن لاءِ ئي ممڪن هوندي جتي اها سهولت موجود آهي، سٺي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۾ پڻ واءِ پي پي پروگرام موجود آهي.
سبسڪرائيبرز جو انگ
هن پروگرام جو حصو بڻجڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 1000 سبسڪرائيبرز هجڻ ضروري آهن.
هڪ سال دوران مخصوص وڊيوز جا ويوز
اوهان جي وڊيوز کي گذريل هڪ سال دوران جيڪڏهن 4000 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت ڏٺو ويو آهي، تڏهن اوهان کي واءِ پي پي ۾ شموليت جي اهل قرار ڏنو ويندو.
ايڊسنس اڪائونٽ لنڪ ڪرڻ
پيمنٽ وصول ڪرڻ لاءِ اوهان کي پنهنجي ايڊسنس اڪائونٽ کي يوٽيوب چينل سان جوڙڻو پوندو.
يوٽيوب تي ڪمائڻ لاءِ اپلاءِ ڪيئن ڪجي؟
جيڪڏهن اوهان مٿي ڄاڻايل شرطن تي پورو لهو ٿا ته پوءِ پئساڪمائڻ لاءِ اپلاءِ ڪري سگهو ٿا.
سڀ کان پهرين اوهان کي پنهنجي گوگل اڪائونٽ تي ٽو اسٽپ ويريفڪيشن کي فعال ڪرڻو پوندو ته جيئن اڪائونٽ کي تحفظ ملي سگهي.
ان کانپوءِ پنهنجي يوٽيوب اڪائونٽ کولڻ ۽ مٿي ساڄي پاسي پروفائل تصوير تي ڪلڪ ڪريو ۽ اتي يوٽيوب اسٽوڊيو سليڪٽ ڪريو.
يوٽيوب اسٽوڊيو ۾ کاٻي پاسي مونيٽائيزيشن ٽيب تي ڪلڪ ڪريو، جيڪو اوهان کي اوور ويو صفحي تي وٺي ويندو.
اتي ريويو پارٽنر پروگرامز ٽرمز ڪارڊ جي اسٽارٽ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو ۽ شرط پڙهڻ چاهيو ٿا ته پڙهو نه ته ايڪسپٽ تي ڪلڪ ڪري ڇڏيو.
جيڪڏهن اوهان جو ايڊسنس اڪائونٽ ناهي ته پوءِ اوهان کي اهو ٺاهي يوٽيوب چينل سان شامل ڪرڻو پوندو، ان لاءِ سائن اپ فار گوگل ايڊسنس ڪارڊ تي اسٽارٽ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.
اوهان سيٽ مونيٽائيزيشن پريفرنس ڪارڊ تي اهڙن اشتهارن جي قسمن کي چونڊي سگهو ٿا جيڪي اوهان پنهنجي چينل تي هلائڻ چاهيو ٿا، ها پر ان ۾ بعد ۾ ڦيرڦار ڪري سگهجي ٿي.
مٿي ڄاڻايل سڄو پروسيس مڪمل ٿيڻ کانپوءِ يوٽيوب اوهان جي چينل جو جائزو وٺندو، جنهن ۾ ڪجهه ڏينهن کان وٺي هفتن تائين وقت لڳي سگهي ٿو ۽ ڪمپني جي طرفان فيصلو ڪرڻ کانپوءِ اوهان کي اي ميل ذريعي اطلاع ڏنو ويندو.