مٺياڻي ڀرسان سول جج جي ڳوٺ تي حملو،هڪ ڄڻو زخمي

مٺياڻي(رپورٽ:امير علي ملڪ) ابڙان ٿاڻي جي حد ڳوٺ اٽل ٻوهيو ۾ گذريل رات هٿياربند ماڻهن سول جج حيدرآباد وزير علي  بوهيو جي ڳوٺ دڙي وارا بوهيا تي حملو ۔ هڪ ڄڻو زخمي جج جي خاندان جو ميمبر طارق ٻوهيو زخمي ٿي پيو ۔ جنھن کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ نوشهرو فيروز کانپوءِنواب شاه اسپتال منتقل ڪيو ويو، سول جج جي ڳوٺ تي حملي جو نوٽيس وٺندي سول جج نوشهرو فيروز جاويد علي ڪوريجو ايس ايڇ او سٽي کي اڄ عدالت ۾ طلب ڪيو، پوليس موجب ، بوهيو براري ۽ کوسا برادري جي وچ ۾ چوري جي ڪيس تي تڪرار هلندڙ آهي ۔ جنھن تي اڄ هي واقعو پيش آيو آهي ، ٻئي طرف حملي جي خبر پوڻ تي ۔ ايس ايس پي نوشھروفيروز روحيل خان کوسو پوليس اٽالا ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پھچي جوابدارن جا پيرا کڻايا جڏهن ته ايس ايس پي نوشھروفيروز جو چوڻ هو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف پارٽيون جوڙي مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا آهن پر جوابدار گهر کالي ڪري فرار ٿي ويا آهن ، تمام جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو ۽ امن امان برقرار رکڻ لاءِ پڪٽس قائم ڪيون ويون آهن  ڪجهه ڏينهن اڳ ، اقبال کوسو ۽ منور خاصخيلي سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ڪئي هئي جنهن ۾ ٻوهيو براري تي حملي جي ڌمڪي ڏني وئي هئي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.