اسلام آباد(بيورو+م ڊ)دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته غيرت جي نالي تي قتل جهڙو عمل معاشري جي اخلاقي تباهي آهي ۽ سڀ کان وڏي بيغيرتي آهي، هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته جيڪومعاشرو اهڙي سنگين جرم تي خاموش رهي ٿو، اهو به غيرت کان خالي آهي، ۽ رياستي ادارن کي گهرجي ته اهڙن واقعن تي فوري ۽ مؤثر ڪارروائي ڪن، خواجا آصف جو چوڻ هو ته غيرت جي نالي تي قتل صرف هڪ ماڻهو جو قتل نه، پر سڄي سماج جي اخلاقي پستي جي علامت آهي ۽ ان لعنت کي ختم ڪرڻ جو واحد طريقو قانون جي بالادستي ۽ تڪڙي انصاف آهي.