خضدار (عوامي آواز نيوز) بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ ڇنڇر ڏينهن سورگز واري علائقي مان ٽن ڄڻن جا تشدد ٿيل لاش هٿآيا آهن. پوليس مطابق انهن ماڻهن کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، جڏهن ته بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) جو چوڻ آهي ته انهن مان هڪ شخص پارٽي جو مقامي عهديدار هو.خضدار پوليس جي اهلڪار عبدالوهاب موجب، ٽنهي مقتولن کي نامعلوم هٿياربند ماڻهن گولين جو نشانو بڻايو ۽ سندن لاشون سورگز جي علائقي ۾ اڇلايا ويا. انهن جي لاشن کي پوسٽ مارٽم ۽ سڃاڻپ لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي مقتولن جي سڃاڻپ عبدالمجيد مينگل، عبدالرحمان مينگل، ۽ امتياز احمد مينگل طور ٿي.عبدالمجيد جو تعلق خضدار جي علائقي زيدي سان هو، پوليس موجب هن وقت تائين قتل جي محرڪات معلوم نه ٿي سگهيا آهن.بي اين پي جي سربراهه سردار اختر مينگل ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته عبدالمجيد سندن پارٽي جو مقامي اڳواڻ هو، جڏهن ته ٻيا ٻه ماڻهو به ساڳئي قبيلي سان تعلق رکن ٿا. سردار اختر مينگل موجب، عبدالمجيد کي گذريل ڏينهن خضدار شهر ۾ پوليس ٿاڻي جي ڀرسان موجود دڪانن مان خريداري دوران ٻن ٽن گاڏين ۾ آيل هٿياربندن اغوا ڪيو، جڏهن ته ٻيا ٻه ماڻهو پڻ ساڳي ڏينهن وڍ مان کنڀيا ويا.بي اين پي پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته:پارٽي اڳواڻن ڊاڪٽر عبدالمجيد مينگل، عطاالرحمٰن دولت خانزئي، ۽ ممتاز دولت خانزئي جي اغوا ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، اهڙا ڪارناما سياسي بنيادن تي انتقامي ڪاررواين جي واضح علامت آهن،بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي تهپارٽي جي سينيئر ڪارڪنن جي ٽارگيٽ ڪلنگ انتهائي افسوسناڪ عمل آهي. سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ ئي پارٽي جو اصل سرمايو هوندا آهن. ڊاڪٽر عبدالمجيد مينگل پارٽي جي لانگ مارچ ۽ ڌرڻن جو حصو رهيو، ۽ هڪ سياسي ڪارڪن طور سدائين جدوجهد جو علم بلند رکيو،پارٽي جي بيان ۾ الزام هنيو ويو آهي ته سردار اختر مينگل ۽ سندس خاندان خلاف بي بنياد ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، ۽ هاڻي پارٽي اڳواڻن جي قتل سان واضح ٿي ويو آهي ته بي اين پي کي سياسي طور ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ انتقامي رٿابندي جاري آهي.