مشهور ڪمپني بي واءِ ڊي جي شارڪ 6 پاڪستان ۾ لانچ، قيمت ڪيتري اٿس؟

پاڪستان جي آٽو صنعت اڄ هڪ اهم سنگ ميل عبور ڪيو آهي، ڇو ته دنيا جون مشهور اليڪٽرڪ گاڏيون ٺاهيندڙ ڪمپني بي واءِ ڊي پنهنجي جديد ترين شارڪ 6 پلگ اِن هائبرڊ اليڪٽرڪ گاڏي کي باضابطا طور تي 19.95 ملين رپين جي اگهه تي پاڪستان ۾ متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.
اها لانچ بي واءِ ڊي جي پاڪستاني مارڪيٽ ۾ پير ڄمائڻ جي وڏي اڳڀرائي طور ڏٺي پئي وڃي، جيڪا نه فقط هڪ طاقتور ۽ جديد پڪ اپ ٽرڪ پيش ڪري رهي آهي پر ملڪ اندر وڌندڙ صاف ۽ پائيدار ٽرانسپورٽ جي رجحان سان پڻ مطابقت رکي ٿي.
طاقت، ڪارڪردگي ۽ ماحول دوستي جو ميل
بي واءِ ڊي شارڪ 6 PHEV ۾ 436 هارس پاور ۽ 650 نيوٽن ميٽر ٽرڪ جي شاندار طاقت موجود آهي، جيڪا ان کي پنهنجي درجي ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور هائبرڊ گاڏين ۾ شامل ڪري ٿي، ان ۾ لڳايل 29.58 ڪلو واٽ ڪلاڪ بيٽري 100 ڪلو ميٽر تائين خالص اليڪٽرڪ رينج فراهم ڪري ٿي، جڏهن ته مجموعي رينج 800 ڪلوميٽر تائين وڃي ٿي.
گاڏي جي ٻارڻ بچت 50 ڪلوميٽر في ليٽر تائين ڄاڻايل آهي، جيڪا اهڙي سائيز جي گاڏي لاءِ ذڪر جوڳي آهي، ان جا مختلف ٽيرين موڊز جهڙوڪ مڊ، سنو ۽ سينڊ ان کي شهر ۽ ڏکين رستن ٻنهي لاءِ موزون بڻائين ٿا.
محفوظ، صاف ۽ ذهين ڊرائيونگ جو تجربو
بي واءِ ڊي جي مشهور بليڊ بيٽري ٽيڪنالاجي نه فقط اعليٰ حفاظتي معيار فراهم ڪري ٿي پر گرمي خلاف بھترين ٿرمل استحڪام به ڏئي ٿي، شارڪ 6 جي خاص ڳالهه اها آهي ته اها ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي اخراج ۾ 62 سيڪڙو تائين گهٽتائي آڻڻ جي صلاحيت رکي ٿي، جيڪا لاهور، ڪراچي جهڙن گدلاڻ وارن شهرن لاءِ نهايت فائديمند ٿي سگهي ٿي.
پاڪستان جي آٽو صنعت ۾ نئين ٽيڪنالاجي جي شروعات
شارڪ 6 رڳو هڪ گاڏي نه پر هڪ مڪمل ٽيڪنالاجي پليٽفارم آهي، ان جي سمارٽ هائبرڊ پاور ٽرين، اسٽيرنگ ۽ ٽريڪشن ڪنٽرول نظام ۽ مختلف موسمن سان مطابقت رکندڙ ڊرائيونگ خاصيتون پاڪستاني واهپيدارن لاءِ هڪ نئون معيار مقرر ڪن ٿيون.
مقامي مارڪيٽ لاءِ عالمي معيار
بي واءِ ڊي جي باضابطا پاڪستان آمد سان هاڻي واهپيدارن کي ورلڊ ڪلاس هائبرڊ گاڏي تائين پهچ ملي وئي آهي، جيڪا طاقت، ڪارڪردگي، ماحول دوستي ۽ خوبصورتي جو شاندار ميلاپ آهي، هي قدم نه فقط پاڪستاني واهپيدارن لاءِ هڪ نئين چونڊ آهي پر مقامي ڪمپنين کي پڻ صاف توانائي ڏانهن منتقل ٿيڻ لاءِ هٿي ڏئي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.