ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا پئسا واپس نه ڪرڻ تي بالي ووڊ پروڊيوسر مان سنگهه کي مٿي ۾ جوتو وهائي ڪڍيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اداڪارا روچي گجر ممبئي ۾ هڪ فلم جي پريميئر تي پهتي ۽ فلمساز کي پنهنجا پئسا واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
اداڪارا جو چوڻ هو ته هدايتڪار ڪرن سنگھه 2023ع ۾ هڪ پروجيڪٽ گڏجي پروڊيوس ڪرڻ جو چئي کائنس 24 لک ڀارتي رپيا ورتا ۽ وعدو ڪيو ويو ته منافعي مان به رقم ملندي، پر نه پروجيڪٽ شروع ٿيو ۽ نه ئي پئسا واپس ڪيا ويا.
ان واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
واضح رهي ته مان سنگھه، ڪرن سنگھه سان گڏ فلم ” سو لانگ ويلي“ پروڊيوس ڪئي آهي ۽ اداڪارا انهيءَ فلم جي پريميئر ۾ پهچي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ بعد ۾ اِهو واقعو پيش آيو.
اداڪارا ممبئي جي مقامي پوليس اسٽيشن ۾ ڪرن سنگھه خلاف ٺڳيءَ جو ڪيس پڻ داخل ڪرايو جنهن کانپوءِ پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
ياد رهي ته مان سنگھه هڪ اداڪار، هدايتڪار ۽ فلمساز آهي، جنهن تازو ئي سو لانگ ويلي فلم پڻ ٺاهي آهي.