ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان عام واهپيدارن ۽ واپارين لاءِ اڪائونٽ کولڻ جو عمل وڌيڪ آسان بڻائڻ لاءِ گڏيل فريم ورڪ متعارف ڪرائي ڇڏيو ۽ بينڪن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي واپارين کي ادائيگين جا ڊجيٽل طريقا فراهم ڪن.
اسٽيٽ بينڪ موجب نئين فريم ورڪ جو مقصد اڪائونٽ کولڻ جو عمل آسان ۽ معياري بڻائڻ سان گڏوگڏ دستاويزن جي گهرجن کي گهٽائڻ آهي ۽ ان سان عام واهپيدارن کي بينڪ اڪائونٽ کولرائڻ ۾ ٻن ڏينهن کان وڌيڪ وقت نه لڳندو.
اسٽيٽ بينڪ ٻڌايو ته واهپيدارن وٽ پنهنجي درخواستن کي ٽريڪ ڪرڻ جي سهولت به هجڻ گهرجي، جنهن سان اهو عمل شفاف ۽ واهپيدار دوست بڻجي ويندو.
ان حوالي سان ٻڌايو ويو ته ڪسٽمر آن بورڊنگ جو عمل وڌيڪ آسان، محفوظ ۽ اثرائتو بڻايو ويو آهي، هاڻ واهپيدار سڀني قسمن جا اڪائونٽ آن لائن کولي سگهندا.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
اسٽيٽ بينڪ طرفان بينڪن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته سمورن واپارين کي ڊجيٽل ادائيگي قبول ڪرڻ واري گهٽ ۾ گهٽ هڪ طريقي سان ضرور ليس ڪيو وڃي ۽ نون واپارين کي اڪائونٽ کولڻ ۾ مدد ڏني وڃي.
اسٽيٽ بينڪ موجب اهي قدم مالي شموليت وڌائڻ ۽ واهپيدارن لاءِ سهولتون بهتر بڻائڻ جي ڪوششن جو تسلسل آهن ۽ اهي قدم بينڪنگ سسٽم کان ٻاهر ماڻهن ۽ واپارين کي نظام ۾ شامل ڪرڻ ۽ روڪ ادائيگيون ڊجيٽلائز ڪرڻ جو ماحول بهتر بڻائيندا.