سڀني کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين: فاطمه ثناءَ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان فاطمه ثناءَ چيو آهي ته ڪوشش ڪنداسين ته ورلڊڪپ ۾ اهڙا نتيجا ڏيون، جيڪي سڀني کي خوش ڪري ڇڏين.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آئرلينڊ جي دوري لاءِ سٺي تياري جاري آهي، ڪپتاني کي انجواءِ ڪري رهي آهيان ۽ سکڻ جي مرحلي مان گذريان پئي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

فاطمه ثناءَ جو چوڻ هو ته آءِ سي سي ايوارڊ جي نه ڄاڻ هئي ۽ نه ئي ڪڏهن سوچيو هو، جڏهن آءِ سي سي ايوارڊ جو اعلان ٿيو ۽ تقريب ۾ ايوارڊ مليو ته ان جو قدر ڄاتو.
هن چيو ته ڪرڪيٽ انفرادي نه پر ٽيم گيم آهي، هڙئي پليئر هڪٻئي کي سپورٽ ڪندا آهن.
واضح رهي ته ورلڊڪپ کان اڳ پاڪستان ٽيم جو امتحان آئرلينڊ خلاف ٽي ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز آهي، وومين ٽيم 3 آگسٽ تي آئرلينڊ رواني ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.