اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ ريجنل چيفس آف ڊفينس اسٽاف ڪانفرنس رٿي وئي، جنهن ۾ آمريڪا، قازقستان، ڪرغزستان، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جي سينيئر عسڪري قيادت شرڪت ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب اهو تاريخي اجلاس خطي ۾ سيڪيورٽي سهڪار ۽ عسڪري سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ ڏانهن هڪ اهم اڳڀرائي آهي.
لاڳاپن کي مضبوط، امن کي يقيني بڻائڻ“ جي موضوع تي ٿيل ان ڪانفرنس جو مقصد دهشتگردي جي خاتمي، تربيتي قدمن ۽ دفاع ۽ سلامتي سميت ٻين شعبن ۾ بهترين طريقي ڪار جي ڏي وٺ ذريعي سهڪار کي هٿي ڏيڻ هو.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪانفرنس ۾ شامل وفدن جي آجيان ڪئي ۽ علائقائي امن، استحڪام ۽ تعميري رابطن لاءِ پاڪستان جي پختي عزم کي ورجايو.
هن چيو ته اڄ جي دور ۾ جتي سرحد پار خطرا ۽ ڏکيا چيلينج موجود آهن، اتي عسڪري سطح تي گڏيل سهڪار، تعميري رابطا ۽ اعتماد جي ضرورت اڳ کان گهڻي وڌيڪ آهي، پاڪستان پنهنجي ڀائيوار ملڪن سان گڏجي هڪ محفوظ ۽ خوشحال خطي جي جوڙجڪ لاءِ پرعزم آهي.
ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن امن، گڏيل احترام، قومي خود مختياري جي احترام ۽ دهشتگردي، سائبر خطرن ۽ انتهاپسندي جهڙن گڏيل چيلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب ڪانفرنس ۾ شريڪ نمائندن پاڪستان جي ميزباني، قيادت ۽ گڏيل دفاعي سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ ڪردار کي ساراهيو.
اسلام آباد ۾ ريجنل چيفس آف ڊفينس اسٽاف ڪانفرنس، عسڪري سهڪار جي ضرورت وڌي وئي آهي: فيلڊ مارشل
You might also like