گمڀير کي هٽائڻ جو مطالبو:” مغرور، ناڪاري شخص ڀارتي ٽيم کي تباهه ڪري ڇڏيو“

مانچيسٽر (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽيم جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڏينهون ڏينهن ڪِرندڙ ساک مداحن کي پريشان ڪري ڇڏيو، اِهو ئي ڪارڻ آهي جو گوتم گمڀير کي هيڊ ڪوچ جي عهدي تان هٽائڻ جو مطالبو زور پڪڙي رهيو آهي.
ڀارت ۾ سوشل ميڊيا تي هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، مٿس ٽيم جي موجوده ڪارڪردگي سميت رانديگرن جي سليڪشن ۾ مداخلت جا الزام مڙهيا پيا وڃن.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ لڪشي نالي هڪ واهپيدار
آءِ ايم لکشَي نالي ھڪ واهپيدار محمد شامي، ايشانت شرما ۽ اُميش يادو جي هرشا ڀوگلي سان ڳالهه ٻولهه جي ھڪ ڪلپ شيئر ڪندي لکيو ته ” ڀارت ھنن ٽن عظيم بالرن کي مِس ڪري رهيو آهي، گوتم گمڀير محمد شامي کي مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، هو پرڏيهي ڪنڊيشن ۾ بهترين بالر آهي.“

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

هن ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي ٽيگ ڪندي گوتم گمڀير کي عهدي تان ھٽائڻ جو مطالبو ڪيو.
انڪِت شرما نالي ھڪ صارف چيو ته ” گوتم گمڀير ڪرڪيٽ جي تاريخ جو سڀ کان خراب ڪوچ آھي، هو خراب فيصلا ڪري ٿو، ٽيم جي ڪارڪردگيءَ تي سندس ڪو به اثر نظر نه پيو اچي.“
راجِيو نالي ھڪ واهپيدار لکيو ته ”گوتم گمڀير هي هيڊ ڪوچنگ ۾ ڀارت 12 مان 9 ٽيسٽ ميچون هارايون آهن ، ڀارت لڳاتار ٽن سيريزن ۾ شڪست کاڌي آهي، جن ۾ نيوزيلينڊ خلاف ھوم سيريز ۾ وائيٽ واش جهڙي تاريخي شڪست پڻ شامل آهي، اهڙي ذلت ڀارتي ٽيم گذريل 30 سالن ۾ ناهي ڏٺي ، گوتم گمڀير کي برطرف نه ڪيو وڃي.“
شوم اوڙا نالي صارف ان جو جواب ڏيندي لکيو ته ” هڙئي غلطيون گوتم جون نه آهنم توھان ڇو وساري ويٺا آھيو ته سندس ئي قيادت ۾ ڀارت چيمپيئنز ٽرافي کٽي ۽ ڪيئي ٽي ٽوئنٽي ميچون پڻ کٽيون.“
ٻئي پاسي نوجوان فاسٽ بالر انشول ڪمبوج کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ تي به ڀارتي مئنيجمينٽ کي به تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
بوريا مجمدار نالي واهپيدار لکيو ته ” جنھن به انشول ڪمبوج کي ٽيسٽ ڊيبيو ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، ان نوجوان کي نقصان پھچايو، اھو ڀارت لاءِ خراب فيصلو ثابت ٿيو ۽ ٿي سگھي ٿو ته اِهو بالر کي ھميشه لاءِ بدنام ڪري ڇڏي، سچ پچ ھو ان لاءِ تيار نه هو، هن ٽيم ۾ مِس فٽ لڳي ٿو، ائين لڳي ٿو ته ڄڻ ڪنهن مڇيءَ کي پاڻيءَ مان ڪڍيو ويو آهي، هو شايد ان فٽ آهي، 125 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان بالنگ ڪندڙ ان سطح تي ڪرڪيٽ تي نئون بال نه ٿو هلائي سگهي، سندس پلئينگ اليون ۾ شموليت ڀارتي بالنگ اٽيڪ جو توازن مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي.“
هو از واهني نالي ھڪ صارف چيو ته ” مون کي گوتم گمڀير ناهي وڻندو،هو ڀارتي ٽيم لاءِ صحيح آپشن نه آهي، هو انا پرست، ناڪاري سوچ رکندڙ ، ٽيم ۾ سياست ڪندڙ آهي، هو بڻجڻ جي لائق ناهي، سندس ڪوچنگ ۾ ٽيم وکري ويئي آهي، ڊريسنگ روم ۾ رانديگرن کي اعتماد ڏيڻ وارو ڪو ڪونهي، کيس برطرف نه ڪيو ويو ته ڀارتي ڪرڪيٽ تباهه ٿي ويندي .“
ڪيترا ماڻهو لکي رهيا آهن ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ( بي سي سي آءِ) گوتم گمڀير جي مستقبل بابت فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ ان حوالي سان جلد اجلاس سڏايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.