ٻار نه ڄڻڻ تي حق مهر يا خرچ نه ڏيڻ بابت وڏو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ٻار نه ڄڻڻ تي عورت کي حق مهر يا خرچ ڏيڻ کان انڪار غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي عورت جي درخواستگذار  مڙس صالح محمد تي 5 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪندي ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو، عدالت  ڪوڙا الزام هڻڻ ۽ وقت ضايع ڪرڻ تي ماتحت عدالتن جا فيصلا برقرار رکيا ۽ درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت فيصلي ۾ لکيو ته مڙس زال تي ٻار نه ڄَڻي سگهڻ ۽ عورت نه هجڻ جو الزام هنيو هو پر ٻار نه ڄڻڻ حق مهر نه ڏيڻ يا خرچ روڪڻ جو سبب ناهي، عورتن تي ذاتي حملا عدالت ۾ برداشت نه ٿيندا، عورت جي عزت هر حال ۾ محفوظ هجڻ گهرجي، عورتن جي تذليل معاشرتي تعصب کي هٿي ڏئي ٿي، عورتن جي حقن جو تحفظ عدليا جي ذميواري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.