سکر سول اسپتال عوام لاءِ بي لاڀ، پکا ۽ ايئر ڪنڊيشن خراب

سکر(رپورٽ:سيد نعيم شاھ) سکر جي سول اسپتالعوام لاء بي لاڀ بڻجي وئي آهي.ڪروڙين رپيا سالياني بجيٽ هجڻ باوجود عوام لاءِ اها اسپتال بي لاڀ بڻيل آهي. وارڊن ۾ موجود ايئر ڪنڊيشنز، ايگزاز پکا ڪيتري ئي عرصي کان بند پيل آهن ۽ اسپتال اندر مريضن جي وارن کي پکا هٿن ۾ هوندا آهن، مريضن جي وارثن جو چوڻ هيو ته سکر سول اسپتال اندر مريضن لاء ڪابه سهولت ناهي. هتي اي سيون ته موجود آهن پر هڪ به نه پئي هلي. هنن چيو ته اسان کي هتي سول اسپتال ۾ پنهنجي مريضن لاء پکا به ڪرائي تي وٺڻا پون ٿا جنهن جو ڪرايو روزانو 200 روپيا اگهه ورتو ويندو آهي جنهن ۾ هڪ رات ۽ هڪ ڏينهن هوندو هنن چيو ته هاڻي سرڪاري اسپتالن ۾ سرعام غريبن کي لٽيو وڃي ٿو. وارثن اهو به دانهيندي چيو ته هتي نه دوائون آهم، نه ڊاڪٽر صحيح ڏسن ٿا ۽ سرڪاري اسپتالن  جي ڊاڪٽرن جو سڄو ڌيان پنهنجي پرائيويٽ اسپتالن طرف آهي شهرين، مريضن توڙي انهن جي وارثن جو چوڻ آهي ته سول اسپتال سکر ۾ علاج لاءِ ايندڙ غريب ماڻهون علاج ڪرائڻ بجاءِ وڌيڪ بيمار ٿي واپس وڃن ٿا.هنن سنڌ حڪومت، صحت کاتي جي صوبائي وزير،نيب، اينٽي ڪرپشن ۽ ٻين وس وارن کان گھر ڪئي ته فوري نوٽيس وٺي سول اسپتال سکر انتظاميه ۽ اسپتال جي بجيٽ جي شفاف جاچ ڪئي وڃي ۽ اسپتال ۾ ايماندار، فرض شناس انتظاميه کي مقرر ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.