عارف علوي،عمران اسماعيل ۽ گنڊا پور سميت 10 جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري

راولپنڊي(م ڊ)راولپنڊي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 26 نومبر 2023ع جي احتجاج سان لاڳاپيل 3 ڪيسن ۾ عدم گرفتاري تي اڳوڻي صدر عارف علوي ۽ وزيراعليٰ خيبرپختونخوا علي امين گنڊا پور سميت 10 جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته انهن جي گرفتاري لاءِ پوليس جون ڇاپا مار ٽيمون به ٺاهي ڇڏيون ويون آهن، عدالت پاران جاري ڪيل وارنٽن ۾ اڳوڻو صدر عارف علوي، وزيراعليٰ خيبرپختونخوا علي امين گنڊا پور، عمر ايوب، اسد قيصر، شاهد خٽڪ، خالد خورشيد، فيصل امين ۽ ٻيا شامل آهن، عدالت اڳوڻي وزيراعليٰ گلگت بلتستان خالد خورشيد جا به گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي پوليس کي حڪم ڏنو ته سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي،هوڏانهن اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ڪورٽ لانگ مارچ دوران ڀڄ ڊاهه واري ڪيس ۾ اڳوڻي گورنر سنڌ عمران اسماعيل جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته کيس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.