پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏن جي نتيجي ۾ 9 ٻارڙن ۽ 3 عورتن سميت 13 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا آهن.
پي ڊي ايم اي موجب، ٻن ڏينهن دوران سوات، بونير، تورغر، مردان، مٿيون چترال سميت مختلف ضلعن ۾ 19 گهر متاثر ٿيا، جن مان 2 مڪمل طور تي ڪِري پيا.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته برساتن جو سلسلو 25 جولاءِ تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.
پي ڊي ايم اي موجب، ضلعي انتظاميا کي اڳواٽ قدم کڻڻ ۽ سياحتي علائقن ۾ رستن جي بحالي لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ايمرجنسي جي صورت ۾ عوام کي 1700 هيلپ لائين تي رابطو ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.