مانيلا (ويب ڊيسڪ) ايشيائي ترقياتي بينڪ ترقي اُسرندڙ ايشيا ۽ پئسفڪ لاءِ 2025ع جي معاشي ترقي جي شرح 4.9 سيڪڙو کان گهٽائي 4.7 سيڪڙو ۽ 2026ع لاءِ 4.7 سيڪڙو مان گهٽائي 4.6 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
جاري ڪيل رپورٽ موجب، گهٽتائيءَ جا سبب آمريڪي ٽريف پاليسي، عالمي واپاري غيريقيني صورتحال ۽ ملڪي سطح تي ڪمزور طلب آهن.
چين جي ترقي جي شرح 2025ع ۾ 4.7 سيڪڙو ۽ 2026ع ۾ 4.3 سيڪڙو برقرار رکي وئي آهي، جڏهن ته ڀارت جي شرح ترتيبوار 6.5 ۽ 6.7 سيڪڙو هئڻ جو امڪان آهي، جيڪا اپريل ۾ ڪيل اڳڪٿيءَ کان ٿوري گهٽ آهي.