” آمريڪا خطي ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ چاهي ٿو، چين ڏکڻ سامونڊي ٻيٽن جو مالڪ آهي“

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل نمائندي فو ڪونگ سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڏکڻ چيني سمنڊ بابت آمريڪي الزامن کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته تڪرار جو ذميوار آمريڪا آهي، جيڪو خطي ۾ ڏڦيڙ ۽ اعتماد کي نقصان رسائي رهيو آهي.
هن چيو ته چين کي ڏکڻ چيني سامونڊي ٻيٽن ۽ پاڻيءَ تي رد نه ڪرڻ جوڳي خودمختياري حاصل آهي، چين جڙتو ٽياڪڙي فيصلي کي نه ٿو مڃي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

فو ڪونگ آسيان سان لاڳاپن کي مستحڪم ۽ صورتحال کي پرامن قرار ڏيندي آمريڪا تي الزام هنيو ته اِهو عالمي قانون کي نظرانداز ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پاڻ اڃا تائين سمنڊ جي قانون بابت گڏيل قومن جي ڪنوينشن (UNCLOS) جو حصو ناهي بڻيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.