ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس يورپي يونين جي ادارن، رڪن ملڪن ۽ ٻين يورپي ملڪن جي نمائندن تي سفري پابندين جي فهرست ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، روسي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فهرست ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، سرڪاري ۽ واپاري تنظيمن جي نمائندن سان گڏ يورپي يونين جي رڪن ملڪن ۽ ٻين اولهه وارن ملڪن جا اُهي شهري شامل آهن، جيڪي يوڪرائن کي فوجي مدد فراهم ڪرڻ، ٻٽي استعمال جي شين جي ترسيل ۾ مدد ڏيڻ، روس جي علائقائي سالميت کي نقصان پهچائيندڙ سرگرمين ۾ ملوث هئڻ يا بالٽڪ سمنڊ ۾ روسي جهازن ۽ ڪارگو خلاف ناڪابنديون ڪرائڻ جا ذميوار آهن.
روسي پرڏيهي کاتي موجب، پابندين جي فهرست ۾ اهي اهلڪار پڻ شامل آهن، جيڪي روسي عهديدارن خلاف مبينا غير قانوني گرفتاري ۽ يوڪرائن مان جبري نيڪالين وارن سياسي ڪيسن ۾ ملوث آهن.
فهرست ۾ اهي ماڻهو به شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي روس مخالف پابندين جي تياري يا عملدرآمد ۾ شامل آهن، روس جا ٻين ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، واضح نموني روس مخالف سرگرمين ۾ ملوث ڪارڪن ۽ علمي ڌرين جا نمائندا آهن ۽ اهي يورپي پارليامينٽ جا ميمبر آهن، جن روس مخالف ٺهرائن ۽ مسودن جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
روسي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته يورپي يونين جي طرفان وڌيڪ پابندين بابت ٿيل فيصلن جو وقتائتو ۽ مناسب جواب ڏنو ويندو.
واضح رهي ته يورپي يونين جي ڪائونسل 20 مئي ۽ 18 جولاءِ تي روس خلاف پابندين جي 17هين ۽ 18 هين پيڪيج جي منظوري ڏني هئي.
18هين پيڪيج تحت 50 کان وڌيڪ فرد ۽ ادارا بليڪ لسٽ ڪيا ويا، روسي تيل جي قيمت جي حد 60 آمريڪي ڊالر في بيرل کان گهٽائي 47.6 آمريڪي ڊالر ڪئي وئي ۽ روسي تيل مان تيار ٿيل پيٽروليم شين جي درآمد تي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي.