مسجد نبويءَ جي ڪالينن ۾ ”اليڪٽرانڪ چپس“ لڳائڻ جو ڪارڻ سامهون اچي ويو

رياض (ويب ڊيسڪ) مسجد نبويءَ ۾ 25 هزار قالين وڇايا ويا آهن ۽ قالين ۾ اليڪٽرانڪ چپ لڳائي ويئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، مسجد الحرام ۽ مسجد نبويءَ جي سار سنڀال بابت جنرل اٿارٽي جو چوڻ آهي ته مسجد ۾ 25 هزار کان وڌيڪ قالين وڇايا ويا آهن، جن مان 14 هزار کان وڌيڪ اڱڻ ۾، 6 هزار 150 راهداريءَ ۾ ۽ 5 هزار 500 قالين مسجد جي ڇت تي وڇايا ويا آهن.
مسجد نبويءَ ۾ وڇايل هر قالين ۾ هڪ ”RFID“ اليڪٽرانڪ چپ لڳل آهي، جيڪا قالين جي ڊيٽا، هنڌ، تياريءَ جي تاريخ، ڌوئڻ جي شيڊيول ۽ مسجد ۽ ٻاهرين حصن ۾ قالينن جي حرڪت کي ٽريڪ ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

رپورٽ ۾ موجب، چپ ذريعي آپريشنل ڪارڪردگي ۽ خدمتن جي معيار ۾ بهتري آئي آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مسجد نبويءَ ۾ استعمال ٿيندڙ قالينن جي ٿولهه 16 ملي ميٽر آهي، قالينن کي ڏينهن ۾ 3 ڀيرا صاف ڪيو وڃي ٿو، جڏهن⁠ته 1600 ليٽر جيوڙا مار اسپري ۽ 200 ليٽر خوشبودار اسپري استعمال ڪيو وڃي ٿو.
اهي سمورا قدم مسجد نبويءَ ۾ زائرن ۽ نمازين لاءِ محفوظ ۽ روحاني ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ اٿارٽي جي عزم کي ظاهر ڪن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.