ابوظبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن ۾ ڇهن مهينن دوران 32 هزار کان وڌيڪ غيرقانوني پناهگيرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، گڏيل عرب امارتن جي ڪسٽم، اميگريشن ۽ سرحدي سيڪيورٽي شعبي جو چوڻ آهي ته ڇهن مهينن ۾ 32 هزار کان وڌيڪ غيرقانوني پناهگيرن گرفتار ڪيو ويو آهي.
اميگريشن ۽ پاسپورٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل ڪرنل سهيل سعيد الخيلي چيو آهي ته اقامه قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪيڪ ڊائون جاري آهي.
غيرقانوني طور رهندڙن خلاف مهم جو مقصد امارتن مان ان رجحان جو خاتمو ۽ علائقي جي امن امان کي مستحڪم ڪرڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته حراست ۾ ورتل غيرقانوني پناهگيرن مان 70 سيڪڙو کي سندن ملڪن ڏانهن ڊي پورٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته باقي ماڻهن بابت ڪارروائي مڪمل ڪئي پئي وڃي.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
واضح رهي ته گذريل سال امارتي حڪومت طرفان غيرقانوني پناهگيرن کي سڌارن لاءِ هڪ سال کان وڌيڪ عرصي جي مهلت ڏني وئي هئي، جنهن دوران اهڙن غيرقانوني پناهگيرن کي پنهنجا معاملا درست ڪرڻ جي سهولت ڏني ويئي هئي.