غزا (ويب ڊيسڪ) حماس جي انتظام هيٺ فلسطيني صحت واري وزارت چيو آهي ته گذريل 48 ڪلاڪن دوران خوراڪ جي شديد کوٽ سبب 12 ٻارن سميت 33 ماڻهو زندگيءَ جي جنگ هارائي ويا.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو چوڻ آهي ته غزا ۾ زندگي بچائڻ جا آخري وسيلا به ختم ٿي رهيا آهن ۽ اسرائيلي ڪارروائين ۾ تيزيءَ سبب حالتون وڌيڪ خراب ٿي رهيون آهن.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان پهچ لاءِ عوامي آواز جي وٽس ايپ چئنل کي فالو ڪريو
سومر ڏينهن برطانيا سميت 20 کان وڌيڪ ملڪن اسرائيلي ڪارروائين جي مذمت ڪندي يَرغمالين جي ترت آزادي جو مطالبو ڪيو هو.
صحت واري عالمي اداري موجب، مرڪزي غزا ۾ اسرائيل جي تازين زميني ڪارروائين سبب امدادي سرگرميون متاثر ٿيون آهن.