اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي 22 جولاءِ جي رات ۽ 23 جولاءِ تي ملڪ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ آنڌاري۽ گجگوڙ ۽ کنوڻ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته خيبر پختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ موجوده موسمي صورتحال سبب گليشيئر ليڪ آئوٽ برسٽ فلڊ (گلوف) ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو آهي.
موسميات کاتي موجب، اڄ رات ۽ 23 جولاءِ تي تيز وسڪارن سبب چترال، دير، سوات، شانگلا، مانسهرا، ڪوھستان، ايبٽ آباد، بونير، چارسدا، نوشهرا، صوابي، مردان، مري، گليات، اسلام آباد/راولپنڊي، ڊي جي خان، اتر اوڀر پنجاب ۽ ڪشمير جي ندين نالن ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اسلام آباد/راولپنڊي، گوجرانوالا، لاهور، سيالڪوٽ، سرگوڌا، فيصل آباد، اوڪاڙا، نوشهرا ۽ پشاور ۾ به شهري ٻوڏ جو خطرو آهي.
ان کانسواءِ خيبر پختونخوا، مري، گليات، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو امڪان آهي.
آنڌاري ۽ آسماني وِڄ سبب ڪمزور ڍانچن کي نقصان پهچي سگهي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪچا گهر، ڇتيون، بجليءَ جا ٿنڀا، بل بورڊ، گاڏيون ۽ سولر پينل ڪِري سگهن ٿا.
You might also like