سائنسدانن جو انسانيت تي نئون احسان، پاڻي ٺاهيندڙ سولر تيار!

سائسندانن روز اول کان انسان ذات جون ڏکيايون ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهن جنهن ڏس ۾ ڏينهون ڏينهون نيون ايجادون ٿينديون رهن ٿيون، اهڙي تسلسل کي برقرار رکندي ماحوليات واري سائنسدانن هڪ اهڙو انقلابي سولر پينل تيار ڪيو آهي جيڪو انتهائي خشڪ ۽ سوڪهڙي واري هنڌن ۾ به پاڻي جي کوٽ ختم ڪري سگهي ٿو.

ماساچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي MIT جي سائنسدانن هڪ اهڙو سولر پينل تيار ڪيو آهي جيڪو هوا يا ماحول ۾ موجود نَمي (گهِم) کي جذب ڪري، ان مان صاف پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪري ٿو ۽ اهو سڀ ڪجهه بنا ڪنهن اضافي طاقت يا پائپنگ سسٽم جي ٿي وڃي ٿو.

هي سولر پينل سج جي توانائي جو استعمال ڪندي ريگستاني علائقن ۽ پاڻي جي گهٽتائي وارن هنڌن ۾ هڪ اهم مسئلي جو حل پيش ڪري رهيو آهي. سسٽم هوا مان گهم جذب ڪري ان کي هڪ خاص پروسيس ذريعي صاف پاڻي ۾ تبديل ڪندو آهي، جنهن کي پيئڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.

سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ان پينل ۾ موجود ٽيڪنالاجي هڪ نئين دور جي شروعات ٿي سگهي ٿي، جتي پاڻي جي فراهمي صرف ماحول جي نمي ۽ سج جي روشني تي ڀاڙيل هوندي آهي. ان پروجيڪٽ جو مقصد خاص طور تي صحرائي ۽ اهڙن علائقن ۾ ماڻهن لاءِ صاف پاڻي فراهم ڪرڻ آهي جتي پاڻي جي سرشتي تائين رسائي محدود آهي.

اهو پينل بنا ڪنهن اضافي بجلي يا پائيپنگ جي استعمال ۾ آڻي ٿو، جيڪو ماحول دوست ۽ توانائي بچائيندڙ طريقو ثابت ٿيندو. ان ۾ پاڻي حاصل ڪرڻ جو طريقو سستو، سولو ۽ قدرتي وسيلن تي ٻڌل آهي، جيڪو مستقبل ۾ پاڻي جي سنگين بحران کي حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.

جيئن ته سائنسدانن جا تجربا اڳتي وڌي رهيا آهن، انهن جو مقصد آهي ته ان سولر پينل کي وڌيڪ مؤثر ۽ تمام گهڻن علائقن ۾ دستياب بڻايو وڃي. هي نئين ٽيڪنالاجي صحرا ۽ ٻين پاڻي جي کوٽ واري علائقن ۾ زندگي بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.