لنڊن (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي ٻن درجن ۾ ورهائڻ غور ڪري رهي آهي.
برطانوي ميڊيا جي رپورٽ، موجب آءِ سي سي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي ٻن ڊويزنن واري تجويز تي اسٽڊي لاءِ هڪ ورڪنگ گروپ جوڙي ڇڏيو آهي.
شروعاتي تجويز موجب، ڊويزن ون ۽ ڊويزن ٽو ۾ 6-6 ٽيمون شامل ڪيون وينديون، جڏهن ته ورڪنگ گروپ هلندڙ سال جي آخر تائين آءِ سي سي کي پنهنجي رپورٽ پيش ڪندو.
رپورٽ موجب، عالمي رينڪنگ ۾ ٽاپ ڇهه ۽ هيٺيون ڇهه ٽيمون ڌار ڌار ڊويزن ۾ کيڏنديون.
برطانوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته تجويزون منظور ٿيڻ جي صورت 2027 واري سرڪل ۾ ان تي عمل ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته ٻنهي ڊويزن ۾ ٽيمن جي پروموشن ۽ ريليگيشن وارو معاملو چئلينج بڻيل آهي.
Prev Post
You might also like