فهيم جي مزاحمتي اننگز به پاڪستان کي شڪست کان بچائي نه سگهي، بنگلاديش ميچ ۽ سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ جي ٻي ميچ ۾ پاڪستان کي اٺ رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 0-2 تان کٽي ورتي.
بنگلاديش جي ٽيم مقرر 20 اوورن جي آخري بال تي 133 رنز تي آل آئوٽ ٿي وئي، ذاڪر علي 55 ۽ مهدي حسن 33 رنز جي اننگز کيڏي.
پاڪستان طرفان سلمان مرزا، عباس آفريدي ۽ احمد دانيال 2-2 ، جڏهن ته فهيم اشرف ۽ محمد نواز هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
بنگلاديش جي 134 رنسن جي جواب ۾ پاڪستان ٽيم جا هڪ موقعي تي 47 رنسن تي ست رانديگر آئوٽ ٿي چڪا هئا.
ان کانپوءِ آل رائونڊر فهيم اشرف هڪ اينڊ سنڀاليندي ٽيم جي اسڪور کي اڳتي وڌايو. عباس آفريدي 19 ۽ احمد دانيال 17 رنسون ٺاهي ٽيم کي فتح جي ويجهو وٺي آيا.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان پهچ لاءِ عوامي آواز جي وٽس ايپ چئنل کي فالو ڪريو

فهيم اشرف شاندار مزاحمتي اننگز کيڏندي 32 بالن تي چئن ڇڪن ۽ چئن چوڪن جي مدد سان 51 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، اهڙي ريت بنگلاديش 8 رنسن تان ميچ ۽ سيريز کٽي ورتي.
بنگلاديش طرفان شيرفل السلام ٽي، تنزيد حسن ۽ مهدي حسن ٻه، ٻه وڪيٽون ورتيون.
شاندار بيٽنگ تي جاڪر علي کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .
واضح رهي ته بنگلاديش کي ٽي ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلائتي سرسي حاصل ٿي وئي آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.