دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي اجلاس ۾ چيمپيئنز ليگ بابت اهم فيصلو ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، مينز ٽي ٽوئنٽي چيمپيئنز ليگ ٻيهر شروع ٿي رهي آهي، جيڪا ايندڙ سال ٿيندي.
آءِ سي سي جي سالياني اجلاس ۾ ڪيترن ئي اهم ميمبر ملڪن ان تجويز جي حمايت ڪئي آهي.
فرنچائز ڪرڪيٽ ۾ واڌ کان پوءِ، چيمپيئنز ليگ لاءِ اهو طئي ٿيڻو آهي ته رانديگر ڪهڙي ڪلب لاءِ کيڏندا.
ناليوارا ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽر هڪ سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ۽ وڌ ۾ وڌ پنج مختلف فرنچائز ليگ ۾ حصو وٺي سگهندا.
ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته دنيا ۾ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ جي سيريز ڪرائڻ لاءِ لابنگ ڪئي پئي وڃي، سعودي عرب نئين منصوبي لاءِ مالي مدد فراهم ڪندو ۽ سعودي عرب مستقبل ۾ چيمپيئنز ليگ جي ميزباني ۾ امڪاني ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
واضع رهي ته ٽي ٽوئنٽي چيمپيئنز ليگ جو منصوبو پهريون ڀيرو 2008 ۾ پيش ڪيو ويو هو.
چيمپيئنز ليگ ٽي ٽوئنٽي جو پهريون ايڊيشن 2009 ۾ ٿيو، هيءَ ٽورنامينٽ 2014 تائين جاري رهي، بعد ۾ ڪيترن ئي سببن سميت لاجسٽڪ مسئلن جي ڪري ان کي بند ڪيو ويو.
ھي ايونٽ امڪاني طور تي سيپٽمبر 2026 ۾ ٿيندو، جتي آءِ پي ايل ۽ پي ايس ايل جي ٽيمون به آمهون سامهون اچي سگھن ٿيون، پر انتظامي معاملن بابت حتمي فيصلن تي اڃا ڪم جاري آهي.