بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين تبت ۾ برهمپتر درياهه مٿان 167.8 ارب آمريڪي ڊالر جي لاڳت سان وڏي ڊيم جي اڏاوت جي باظابطا شروعات ڪري ڇڏي، جيڪا ڀارت جي اتر اوڀر رياست اروناچل پرديش جي سرحد جي ويجهو آهي، ڀارت طرفان ان منصوبي تي سخت خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن.
چيني سرڪاري ميڊيا موجب، وزيراعظم لي ڪيانگ نيگچي شهر ۾ مينلنگ هائيڊرو پاور اسٽيشن تي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب دوران منصوبي جو اعلان ڪيو.
هيءَ رٿا پنج سلسلي وار هائيڊرو پاور اسٽيشنن تي ٻڌل هوندي، جنهن مان هر سال 300 ارب ڪلو واٽ ڪلاڪ کان وڌيڪ بجلي پيدا ٿيڻ جي اميد آهي، جنهن کي اٽڪل 30 ڪروڙ ماڻهن جي ضرورت جي پورائي لاءِ ڪافي قرار ڏنو پيو وڃي.
ٻئي پاسي اروناچل پرديش جي وڏي وزير پيما ڪاندو ڊيم کي ”واٽر بم“ قرار ڏيندي خبردار ڪيو ته اِهو ڀارت جي قبيلن ۽ معيشت لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو، جڏهن ته ڀارت ۾ ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي پڻ خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن.
ان ڏس ۾ سوشل ميڊيا واهپيدارن سپال اُٿاري رهيا آهن ته ” ڇا چين ڀارت کي ان جي ٻوليءَ ۾ جواب ته ناهي ڏئي رهيو جيئن ڀارت” سنڌ طاس معاهدي “ واري معاملي تي پاڪستان سان ڪري رهيو آهي؟ “
ماهرن موجب، منصوبي سان چين پنهنجي بجلي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏ تبت ۾ ترقي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ڪاربن گئسن جي اخراج گهٽائڻ چاهي ٿو، پر ان رٿا سبب ڀارت ۽ بنگلاديش ٻنهي لاءِ پاڻي جي فراهمي ۾ گهٽتائي جو خطرو پڻ موجود آهي.
ڀارتي ماهرن تجويز ڏني آهي ته ڀارت ۽ بنگلاديش گڏجي اعليٰ سفارتي سطح تي مسئلو اٿارين ۽ برهمپتر ٽه ملڪي سهڪار ڪميشن جو قيام عمل ۾ آڻين ته جيئن دريائي ڊيٽا جي ورڇ ۾ ڪا رنڊڪ نه اچي.
You might also like