برمنگھم (اسپورٽس ڊيسڪ) ورلڊ چيمپئن شپ آف ليجنڊز (ڊبليو سي ايل) ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ رٿيل مقابلو رد ٿيڻ کانپوءِ اڳوڻي قومي ڪپتان شاهد آفريدي راند کي سياست کان الڳ رکڻ جي درخواست ڪئي آهي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته رانديگرن کي پنهنجي ملڪ جو سفير بڻجڻ گهرجي ۽ ڪنهن کي مايوس نه ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته ” يا ته توهان( ڀارت) پهرين ئي ٻڌائي ڇڏيو ها ته پاڪستان سان نه کيڏنداسين، هتي اچي پريڪٽس ڪئي ۽ هڪ ڏينهن ۾ سڀ ڪجهه بدلجي ويو.“
آفريدي جو چوڻ هو ته هڪ رانديگر جي ڪري ڀارتي ٽيم به مايوس ٿي، جڏهن ته دُنيا جي ڪُنڊ ڪرڇ ۾ موجود ٻنهي ٽيمن جي ڪروڙين چاهيندڙن لاءِ به اِهو فيصو نااميدي جو سبب بڻيو.
هن چيو ته ” اسان ماضي ۾ ڪرڪيٽ ذريعي لاڳاپا سڌاريا آهن، جيڪڏهن هر شيءِ ۾ سياست اچي وئي ته اڳتي ڪيئن وڌنداسين؟“
شاهد آفريدي واضع ڪيو ته سندس ٽن هفتن جو ريهيب هلندڙ آهي ۽ ٽورنامينٽ ٻن هفتن ۾ ختم ٿي ويندي، جيڪڏهن کيس خبر هجي ها ته هن جي ڪري ميچ رد ٿي رهي آهي ته هو گرائونڊ ئي نه اچي ها.
You might also like