ميرپوماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير ) ڳوٺ چاڪر ڪولاچي ۾ لنگھه تان پيدا ٿيل تڪرار سنگين صورت اختيار ڪري ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين جا گهٽ ۾ گهٽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ پرويز سميجو، محمد عمر سميجو، گلڻ سميجو، منير سميجو، عمران سميجو، نواز ڪولاچي، آفتاب ڪولاچي ۽ احمد علي ڪولاچي شامل آهن، زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان عمران سميجو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر ريفر ڪيو ويو، پوليس موجب، جهيڙو لنگهھ تي قبضي تان ٿيو آهي.