اوٻاوڙي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ،گهرڌڻي قتل،هڪ زخمي

اوٻاوڙو(رپورٽ:عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙو لڳ پنجاب جي ماڇڪو ٿاڻي جي حد نورشاھ واري علائقي ڳوٺ شير محمد سولنگي تي نامعلوم ھٿيار بندن جي ڪاھ سخت فائرنگ ڪئي گوليو لڳڻ سبب گھر ڌڻي منٺار سولنگي موقعي تي مارجي ويو جبار سولنگي سخت زخمي ٿي پيو اطلاع تي ماڇڪو پوليس واقعي ھنڌ پھچي مقتول جو لاش زخمي کي کڻاڻي تعلقه استال صادق پھچايو جتي ڊاڪٽرن پاران زخمي جبار سولنگي فرسٽ ايڊ ڏئي علاج ڳڻتي جو حالت ۾ رحيميار خان جي شيخ زيد اسپتال ريفر ڪري ڇڏيو ۽ مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ۽ واقعي ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو ھوڏانھن  آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.