گڊو ۾ بدامني جي باهه، نوجوان ڏينهن ڏٺي جو دڪان مان اغوا

گڊو(رپورٽ: بيورڪ لنجواڻي)ڪشمور جي گڊو ٿاڻي جي حد دشتي پاڙي مان موٽر سائيڪل سوار اڻڄاتل هٿياربند ڏينهن ڏٺي جو هارڊويئر جي دڪان تي حملو ڪري 24 ورهين جي نوجوان اڪبر خان کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا، اکين ڏٺن شاهدن ۽ وارثن مطابق، واردات دوران نوجوان جي پيءُ کي به مزاحمت ڪرڻ تي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ نوجوان کي مارڪٽ ڪرڻ بعد  کيس ڪچي طرف وٺي ويا،واقعي کانپوءِ شهرين ۽ پٺاڻ برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪري نوجوان جي بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.