ايمل ولي پاران بلوچستان جا 11 پختون آبادي وارا ضلعا ڪي پي ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد(م ڊ)اي اين پي جي صدر۽ سينيٽر ايمل ولي خان چيو آهي ته فاٽا جي انضمام جي اهي ماڻهو مخالفت پيا ڪن جن جا ڌنڌا بند ٿي ويا آهن،ڇو ته اتي ڪارو قانون هو،پوليٽيڪل ايجنٽ اتي بادشاهه هوندو هو،اهو ته ٽي ٽي پي جو مطالبو آهي ته توهان ان انضمام کي واپس ڪريو،نوازشريف،عمران خان ۽ شهبازشريف ٻڌائن ته ان انضمام بابت جيڪي واعدا ڪيا ويا ڪو هڪ به پورو ڪيو،هن چيو ته فاٽا بابت ڪو تڪراري فيصلو ٿيو ته اسان هر حد تائين وينداسين،اسان به رياست کان مطالبو ڪريون ٿا ته  اسان جي زوب کان وٺي چمن تائين 11 ضلعا خيبرپختونخوا ۾ شامل ڪيا وڃن،ڀلي بلوچستان راضي ٿئي يا نه،بلوچ پنهنجا علائقا پختون پنهنجا علائقا وٺي ڇڏين،هن چيو ته مخصوص سيٽون جيڪڏهن ٻيون پارٽيون وٺن ٿيون ته پوءِ اسان جو به حق آهي،سينيٽ اليڪشن جي سلسلي ۾ اڃا تائين اسان سان ڪنهن رابطو نه ڪيو آهي،ٽن ارب پتين ماڻهن سڀني کي گڏائي ڇڏيو آهي،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ڪي پي ۾ سينيٽ اليڪشن ۾ تمام گهڻو پئسو هلي ويو آهي،وڏو وزير گيم ڪري رهيو آهي،علي امين گنڊاپورکي  امير مقام جي پٽ کي سينيٽر بڻائڻ جي ذميواري ملي آهي،هن چيو ته  پي ٽي آءِ جي جيڪو به ويجهو ويو آهي اهو گندو ٿيو آهي،هن وقت اسان انهن جي تحريڪ جو حصو نه بڻجنداسين،جي يو آءِ سان اتحاد ٿي سگهي ٿو،فضل الرحمان صحت جي ڪري ايترو گهڻو تحرڪ ۾ نٿو اچي سگهي ،هو فاٽا جي انضمام خلاف تحريڪ هلائي رهيو آهي،کيس ايئن نه ڪرڻ گهرجي،هن چيو ته آئين مطابق نئون اين ايف سي ايوارڊ اچڻ گهرجي،ٽي سيڪڙو فاٽا کي ڏيڻ گهرجي،هن وقت سئو ارب جي بدران ٽي ارب ملي رهيا آهن اهي به سرزمين تي نظر نه پيا اچن،علي امين گنڊاپور خلاف بي اعتمادي رٿ جو امڪان ناهي،اسان ان رٿ جو حصو نه بڻجنداسين،گنڊاپور کي پنهنجي بار هيٺيان اچي وڃڻ گهرجي،هن چيو ته اسان طالبان نه دهشت گردي جي خلاف آهيون،ڪي پي ۾ ڪهڙي معاهدي تحت دهشت گرد آباد ڪيا ويا،اڳوڻي آرمي چيف سربراهه جو اهو موقف هو ته طالبان اسان جا اسٽريٽجڪ اتحادي آهن،هن جنرل فيض ۽ عمران ذريعي طالبان آندا،اسان پنجاهه سالن ۾ قوم کي هڪ پاليسي نه ڏئي سگهيا آهيون،هن چيو ته لاڳيتو ٽن چونڊن ۾ ووٽ جو احترام نه ڪيو ويو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.