پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ سينيٽ چونڊن لاءِ وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ ڪاوڙيل اڳواڻن جي وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن. ذريعن موجب، وڏي وزير علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ جي سينيٽ اميدوارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي پر هو ڪاوڙيل اڳواڻن کي پرچائن ۾ ناڪام رهيو، جنهن کانپوءِ رٺل اڳواڻن سينيٽ چونڊن تان هٿ نه کڻڻ جو فيصلو برقرار رکيو آهي.ذريعن موجب، ناراض اميدوارن ۾ عرفان سليم، عائشا بانو، ارشاد حسين ۽ وقاص اورڪزئي شامل آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته بئريسٽر گوهر ۽ سلمان اڪرم راجا ناراض اميدوارن جي وڏي وزير سان ملاقات ڪرائڻ لاءِ ويا هئا. ذريعن موجب، ڳالهين ۾ ناڪامي کانپوءِ رات 9 وڳي ڪاوڙيل اڳواڻن جي علي امين گنڊاپور سان ٻي ملاقات ٿيندي. ملاقات دوران ڪاوڙيل اڳواڻن جو مؤقف هو ته هو ڪنهن به صورت ۾ نامزدگي ڪاغذ واپس نه وٺندا.